Book Name:Lalach Ka Anjaam

پر اڄ اسان جنهن حِرص ۽ لالچ جي باري ۾ ٻڌنداسين هن مان مراد بُري لالچ آهي۔ لالچي انسان نهايت رَحم لائق هوندو آهي، ان ڪري جو هوشيار ماڻهو ان کي طرح طرح سان لالچ ڏئي ان کي بيوقوف بڻائي پنهنجا ڪم ڪڍرائيندا آهن، مثال طور ڪڏهن ڪو نوڪري جو آسرو ڏئي ان کان پيسا وٺندو رهندو آهي، ڪڏهن هي مُختلِف اِدارن ۽ ڪمپنين جي پُرڪشش پيڪيجن جي ڄار ۾ ڦاسي ويندو آهي، ڪڏهن اِنعام جي لالچ ان کي سڄي زندگي جي جمع ٿيل دولت کان محروم ڪرائيندي آهي، ڪڏهن هي وڌيڪ سٺي نوڪري جي چڪر ۾ لڳل نوڪري(Job) کي به هٿان وڃائي ويهندو آهي، ڪڏهن راتو رات اَمير ۽ مالدار ٿيڻ جي لالچ ان کي تباھ ڪندي آهي، دَولت جي لالچ ڪڏهن ان کي مُختلِف مُقَدَّمن ۾ ڦاسائيندي آهي، ڪڏهن هو عُهدي ۽ مَنصَب جي لالچ ۾ رِشوت خوري جي گناھ ۾ پوندو آهي پر جڏهن اک کلندي آهي ته ان کي پنهنجي ڪيل تي گھڻو پڇتائڻو پوندو آهي پر اب پچھتائے کيا هوَت جب چِڑياں چُگ گئيں کھيتاچو! اهڙي ئي هڪ بيوقوف ۽ لالچي شخص جو واقعو ٻڌون ٿا جنهن کي عزّت جي دال ماني نصيب هئي پر چڱي کاڌي جي حرص ان کي هڪ مالدار دوست جي پيرين پوڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري نه صرف ان جي عزّت خاڪ ۾ ملي وئي بلڪ ان کي ذِلّت ۽ رُسوائي کي منهن ڏيڻو به پيو، جيئن ته

دَولت جي لالچ ۾ دوستي ڪرڻ جو اَنجام

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب حِرصجي صَفحي نمبر218 تي آهي ته هڪ غريب شخص جا 3 پٽ هئا، جيڪا ڪجھ ان کي دال ماني مُيسَّر ٿيندي هئي پاڻ به کائيندو هو ۽ انهن کي به کارائيندو هو۔ اُن مان هڪ پٽ پيءُ جي غُربت ۽ دال ماني کان خُوش نه رهندو هو، جيئن ته هن هڪ دولت مند نوجوان سان دوستي ڪري ورتي ۽ چڱو کاڌو ملڻ جي لالچ ۾ ان جي گھر اچڻ وڃڻ لڳو۔ هڪ ڏينهن اُنهن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالھ تي ناراضگي ٿي پئي۔ دَولت مند پنهنجي اَميري جي غُرُور ۾ ان کي خُوب ماريو