Book Name:Lalach Ka Anjaam

جيڪڏهن ڪوئي پڙھي وٺي تڏهن به غَنِيمَت آهي۔ اهڙن کي ڏسي ائين لڳي ٿو شايد اهو انهن جي زندگي جو آخري کاڌو آهي، ان کان بعد اُنهن کي سڄي عُمر ڪڏهن اهڙو عمده ۽ لذيذ کاڌو نصيب ئي نه ٿي سگھندو۔ جيئن ته لالچي شخص تي کاڌو خَتم ٿيڻ جو خَوف غالِب رهندو آهي،تنهنڪري هو پنهنجي پليٽ کي ضرورت کان وڌيڪ کاڌي سان ڀريندو آهي، گھڻو کاڌو ضائع ڪندو آهي، چڱي طرح چٻائڻ بغير هي ڳهي ويندو آهي ۽ بعد ۾ ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جا چڪر لڳائيندو آهي۔ هاء! کاڌي جي لالچ ايتري قدر غالِب اچي چڪي آهي ته نه دُنياوي نقصان جو فِڪر هوندو آهي، نه نماز، روزن جي ادائيگي جو هوش، نه نيڪ ڪمن ۾ خَرچ ڪرڻ جو ذِهن، نه غريب رِشتيدارن، دوستن ۽ پاڙيسرين جي پروا ۽ نه ئي حسابِ آخِرت جو خيال۔ کاڌي جي حَرِيص جي بس اها ئي آرزو رهندي آهي ته کاوان، کاوان ۽ بس کاوان ۽ کائيندو ئي رهان ڄڻ اڄ هر پاسي کان هي صدائون بلند ٿي رهيون آهن.ته

کائو پيئو، جان بڻايو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! جَون جي سُڪل ماني هجي يا گرما گرم ذائقيدار کاڌا، پيٽ ۾ وڃڻ کان بعد سب هڪ ٿي ويندا آهن۔ جيئن ئي گرھ نڙي مان لٿو ان جو ذائِقو خَتم۔ جيڪو هٿ ۾ آيو اهو پيٽ ۾ وجھڻ ۽ وڌيڪ کائڻ جا بيشمار ديني ۽ دُنيوي نقصان آهن۔ اچو! بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهم  اَجْمَعِين جي اِرشادات جي روشني ۾ وڌيڪ کائڻ جا نقصان ٻڌو ۽ کائڻ جي حِرص کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪريو، جيئن ته

جاندار بدن جون آفتون

حضرت سيدُنا يحيٰي بن مُعاذ رازيرَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو پيٽ ڀري کائڻ جو عادي ٿي ويندو آهي ان جي بدن تي گوشت وڌي ويندو آهي ۽ جنهن جي بدن تي گوشت وڌي ويندو آهي، اهو شهوت (خواهش) پرست ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو شهوت (خواهش) پرست ٿي ويندو آهي ان جا گناهه وڌي ويندا آهن ۽ جنهن جا گناهه وڌي ويندا آهن ان جو دل سخت ٿي ويندو آهي ۽ جنهن جو دل