Book Name:Lalach Ka Anjaam

وَ لَا یَحِیْقُ الْمَكْرُ السَّیِّئُ اِلَّا بِاَهْلِهٖؕ-(پ۲۲،فاطر:۴۳)

 تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ بري سازش نه پوندي آهي پر سازش واري تي

(تفسير قرطبي،فاطر، تحت الآية: ۴۳، ۷/۲۶۱ملخصاً)

ڪنهن جي خلاف سازش نه ڪريو

امام زُهري رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي اَڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: توهان ڪنهن جي خلاف سازِش نه ڪريو ۽ نه ئي ڪنهن سازِش ڪرڻ واري جي مدد ڪريو ڇاڪاڻ ته اللہ  پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو:

وَ لَا یَحِیْقُ الْمَكْرُ السَّیِّئُ اِلَّا بِاَهْلِهٖؕ- (پ۲۲،فاطر:۴۳)

تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ بري سازش نه پوندي آهي پر سازش واري تي

(تفسير قرطبي، فاطر، تحت الآية: ۴۳، ۷/۲۶۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! حِرص ۽ لالچ پاڻ ۾ مُتَرَادِف يعني ٻه اهڙا لفظ آهن جن جي معنيٰ ساڳي آهي، لالچ اردو زبان جو جڏهن ته حِرص عَرَبي زبان جو لفظ آهي۔حِرص ۽ لالچ ڪنهن شيء جي وڌيڪ خَواهش ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اها ڪنهن به شيء جي ٿي سگھي ٿي، جيئن ته

حِرص جي تعريف

 حڪيم الاُمَّت حضرت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: ڪنهن شيء مان دل نه ڀرجڻ ۽ هميشه زيادَتي جي خَواهش رکڻ کي حِرص ۽ حِرص رکڻ واري کي حَرِيص(Greedy) چند آهن۔(مرآۃ المناجیح،۷/۸۶ بتغیر) تنهنڪري وڌيڪ مال جي خَواهش رکڻ واري کي مال جو حَرِيص چونداسين، وڌيڪ کائڻ جي خَواهش رکڻ واري کي کاڌي جو حَرِيص چيو ويندو، نيڪين ۾ اِضافي جي تَمَنَّا ڪرڻ واري کينيڪين جو حَرِيص جڏهن ته گناهن جو بوج وڌائڻ واري کي گناهن جو حَرِيصچونداسين۔ شَيخُ الحَدِيث حضرت علّامه عَبدالمُصطَفٰي اَعظَمِيرَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: لالچ ۽ حِرص جو جذبو خوراڪ، لباس، گھر، سامان، دَولت، عِزَّت، شُهرت مطلب ته هر نعمت ۾ ٿيندو آهي۔

(جنتی زیور ،ص۱۱۱ملخصًا۔فیضان ریاض الصالحین،ص۲۷۸)