Book Name:Lalach Ka Anjaam

مڙس، گھرواريء جي پُوڙھي ماءُ (يعني پنهنجي سس) کي به اتي ڇڏي آيو جتي پنهنجي ماءُ کي ڇڏيو هو ۽ واپس موٽي آيو۔ جڏهن شام ٿي ته دَرِندن ان کي گھيري ورتو ۽ ان وٽ ساڳيو ملائڪ آيو جنهن کي اللہ  پاڪ ان کان پهريان هڪ پُوڙھي عورت يعني مڙس جي ماءُ ڏانهن موڪليو هو۔ ملائڪ پڇيو: اي ٻُڍڙي! هي آواز ڪهڙا آهن جيڪي مان تنهنجي آس پاس ٻڌي رهيو آهيان؟ چيائين: نهايت بُرا، اللہ  پاڪ جو قسم! گھڻو ڊپ ٿي رهيو آهي۔ اهي دَرِندن جو آواز آهي، هي ته مون کي کائي ماريندا۔ ملائڪ چيو: بُرو ئي ٿئي!، اهو چئي ملائڪ هليو ويو۔ دَرِندا ان تي ڪاهي پيا ۽ ان کي چيري ڦاڙي ان جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو۔ جڏهن صَبح ٿيو ته ان جي لالچي گھرواريء مڙس کي چيو: وڃ، وڃي خَبَر ته وٺ منهنجي ماءُ سان ڇا ٿيو؟ پوءِ ان جو مڙس گھرواريء جي ماءُ جي خَبَر وٺڻ جي لاءِ جهنگ ڏانهن روانو ٿيو۔ جڏهن هو جهنگ ۾ پهتو ته اتي ان کي پنهنجي پُوڙھي سس (Mother-in-Law جون هڏيون مليون۔ اهو (هڏيون کڻي) گھر آيو، جڏهن ان پنهنجي لالچي گھرواريء کي ماءُ جو حال ٻڌايو ته ان کي شديد رَنج ٿيو۔ مڙس ٻڍڙي جي هڏين کي هڪ چادر ۾ کنيو ۽ اُنهن کي ان جي ڌيءَ جي اڳيان رکي ڇڏيو، لالچي عَورت پنهنجي پُوڙھي ماءُ جي جُدائي جو صَدمو برداشت نه ڪري سگھي ۽ اها به مَوت سان هم آغوش ٿي وئي۔ (المنتظم،ذڪر اقوام من القدماء، ۲/۱۶۸، ملخصاً) 

 

جو کچھ ہیں وہ سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کرتُوت       شکوہ ہے زمانے کا نہ قسمت کا گِلا ہے

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت           سچ ہے کہ بُرے کام کا اَنجام بُرا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! لالچ بُري بَلا آهي، لالچ اِنسان کي انڌو ڪندي آهي،لالچ عَقل تي پَردو وجھندي آهي، لالچ جي نَحوست جي سبب دِل مان خَوفِ خُدا نڪري ويندو آهي، لالچ جي ڪري اِنسان پنهنجن جو دُشمن بڻجي