Book Name:Lalach Ka Anjaam

ٻنهي سان گڏ انهن جون نابين ۽ پوڙهيون مائرون به رهنديون هيون، مڙس جي ماءُ هڪ نيڪ سيرت ۽ سچّي خاتون هئي جڏهن ته گھرواريء جي ماءُ جو ڪردار اِنتهائي بُرو هو، هوءَ پنهنجي ڌيء کي مڙس جي ماءُ جي خِلاف ڀڙڪائيندي هئي، نيٺ هڪ ڏينهن گھرواريء پنهنجي مڙس کي چئي ڇڏيو ته مان توسان ان وقت تائين خوش نٿي رهي سگھان، جيستائين تون پنهنجي ماءُ کي مون کان پري نه ڪرين ڇڏين! جيئن ته ان جو مڙس گھرواريء جي مَحَبَّت ۾ انڌو ٿي چڪو هو تنهنڪري ان نالائق گھرواريء جي چوڻ تي پنهنجي ماءُ کي کنيو ۽ پري ڪنهن جھنگ ۾ ڇڏي آيو ته جيئن ان کي وحشي کائي وڃن ۽ پاڻ واپس موٽي آيو۔ جڏهن شام ٿي ته ان جي پُوڙھي ماءُ کي دَرِندن گھيري ورتو، ايتري ۾ هڪ ملائڪ آيو ۽ ان ٻڍڙي کان سُوال ڪيو: هي ڪهڙيون آوازون آهن جنهن کي مان تنهنجي آس پاس ٻڌي رهيو آهيان؟ ٻڍڙي چيو: تمام سٺيون، هي ته ڳئون، اُٺ ۽ ٻڪري جون آوازون آهن۔ ملائڪ دُعا ڏني: چڱو ئي ٿئي۔ ايترو چئي اهو هليو ويو۔ جڏهن صُبح ٿيو ته سڄي وادي اُٺن، ڳئون ۽ ٻڪرين سان ڀريل هئي، ٻي پاسي ان جي پٽ کي خيال آيو ته (اڄ) ماءُ وٽ وڃي ڏسان ٿو ته ان سان ڇا ٿيو؟ پوءِ جڏهن هو ان جهنگ ۾ پهتو ته اُٺ، ٻڪرين ۽ ڳئون سان ڀريل وادي ڏسي حَيرت ۾ پئجي ويو۔ ان پنهنجي ماءُ کان پڇيو! اي منهنجي امڙ! اهو ڇا ماجرو آهي؟ ماءُ چيو! اي منهنجا پٽ! اهو سڀ اللہ  جي طرفان رِزق ۽ ان جي عطا آهي جڏهن ته تُو منهنجي نافرماني ڪري منهنجي مُعامَلي ۾ پنهنجي گھرواريء کي راضي ڪيو هو۔ اهو ٻڌي نالائق پٽ پنهنجي نابين ماءُ کي کنيو ۽ اللہ  پاڪ جي طرفان ان کي عطا ڪيل نعمتن يعني اُٺن، ڳئون ۽ ٻڪرين کي هڪليندو خوشي خوشي گھر موٽي آيو۔ اهو منظر ڏسي لالچي گھرواريء جي وات ۾ پاڻي اچي ويو، ان چيو: مان تون سان ان وَقت تائين خوش نه ٿينديس جيستائين تون منهنجي امڙ کي به انهيءَ هنڌ تي نه ڇڏي اچين جتي پنهنجي ماءُ کي ڇڏي آيو هئين ته جيئن ان کي به اهي ئي نعمتون ملن جيڪي تنهنجي امڙ کي مليون آهن۔ پوءِ