Book Name:Lalach Ka Anjaam

ٿي ويندو آهي، دُنياوي لالچ جو نَشو اِنسان کي چڱي صحبت کان محروم ڪرائي ڇڏيندو آهي ۽ آخرڪار ان کي تباهي جي ڪناري تي بيهاريندو آهي۔ اچو! هاڻي دل سنڀالي مالِ دنيا سان مَحَبَّت ۽ دُنياوي لالچ ۾ مُبتَلا لالچِين جي اَنجام تي مُشتَمِل هڪ نهايت عبرت ناڪ حڪايت ٻڌو ۽ عبرت حاصِل ڪريو، جيئن ته

ٽين ماني ڪيڏانهن وئي؟

حضرتِ سيّدُنا عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جي خدمت ۾ هڪ ماڻهوءَ عرض ڪيو، يا روح اللہ ! مان توهان جي صحبت بابرڪت ۾ رهي ڪري خدمت ڪرڻ ۽ شريعت جو علم حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. پاڻ عَلَيه السَّلَام ان کي اجازت ڏئي ڇڏي، هلندي هلندي جڏهن ٻئي ڄڻا هڪ درياهه جي ڪناري تي پهتا ته پاڻ عَلَيه السَّلَام فرمايواچو ماني کائونپاڻ عَلَيه السَّلَام وٽ ٽي مانيون هيون، جڏهن هڪ هڪ ماني ٻئي کائي چُڪا ته حضرت سيّدُنا عيسيٰ روح اللہ  عَلَيه السَّلَام نهر مان پاڻي پيئڻ لڳا، ته ان شخص ٽين ماني لِڪائي ڇڏي، جڏهن پاڻ عَلَيه السَّلَام پاڻي پي ڪري واپس آيا ته ماني نه ڏسي ڪري پُڇيائون،ٽين ماني ڪيڏانهن وئي؟ ان ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته مون کي خبر ناهي، پاڻ عَلَيه السَّلَام خاموش رهيا. ٿوري ديرکانپوءِ فرمايائون،اچو اڳتي هلونرستي ۾ هڪ هرڻي ملي جنهن سان گڏ ٻه ٻچا هئا، پاڻ عَلَيه السَّلَام هرڻيءَ جي هڪ ٻچي کي پاڻ وٽ گهرايو، اهو اچي ويو، پاڻ عَلَيه السَّلَام ان کي ذبح ڪيو (گوشت کي) ڀُڃيو ۽ ٻنهي ملي ڪري کاڌو، گوشت کائڻ کان بعد پاڻ عَلَيه السَّلَام هڏين کي جمع ڪيو ۽ فرمايائون قُمْ بِـاِذْنِ اللّٰه“ (يعني اللہ  ڪريم جي حڪم سان زندهه ٿي ڪري اٿي بيهه) هرڻي جو ٻچو زندهه ٿي ڪري پنهنجي ماءُ سان هليو ويو۔ پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص کي فرمايائون توکي ان اللہ  پاڪ جو قسم جنهن مون کي هي معجزو ڏيکارڻ جي قدرت عطا ڪئي، سچ ٻُڌاءِ، اها ٽئين ماني ڪيڏانهن وئي؟ ان چيو مونکي خبر ناهي، فرمايائون اچو اڳتي هلون، هلندي هلندي هڪ درياهه تي پهتا، پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص جو هٿ پڪڙيو ۽ پاڻيءَ جي مٿان هلندي