Book Name:Muaf Karny K Fazail

وَ  الْكٰظِمِیْنَ  الْغَیْظَ  وَ  الْعَافِیْنَ  عَنِ  النَّاسِؕ-وَ  اللّٰهُ  یُحِبُّ  الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴)

ترجموڪنزالايمان: ۽ غصو پيئڻ وارا ۽ ماڻهن کي درگذر ڪرڻ وارا ۽ نيڪ ماڻهو اللہ  (عَزَّوَجَلَّ) جا محبوب آهن۔

اهڙي طرح سيپارو 18 سُوره نُور جي آيت نمبر22 ۾ اِرشاد آهي:

وَ لْیَعْفُوْا وَ لْیَصْفَحُوْاؕ-اَلَا تُحِبُّوْنَ اَنْ یَّغْفِرَ اللّٰهُ لَكُمْؕ-وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ(۲۲)

ترجموڪنزالايمان: ۽ گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا توهان ان کي دوست نه ٿا رکو ته اللہ  توهان جي بخشش ڪري ۽ اللہ  بخشڻهار مهربان آهي.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! ماڻهن جي غلطين کي درگذر ڪرڻ ربِّ ڪريم کي گھڻو پسند آهي. ياد رهي! شيطان اِنسان جو اَزَلي دشمن آهي، ان کي هرگز اهو پسند ناهي ته مسلمان پاڻ ۾ مُتَّحِد (United) رهن، هڪ ٻي جي خير خواهي ڪن، هڪ ٻي جي عزّت ۽ ناموس جا مُحافِظ بڻجن، هڪ ٻي جي غَلَطين کي نظر انداز ڪن، پنهنجي اندر برداشت جو مادو پيدا ڪن، پنهنجا حق مُعاف ڪن، ٻين جي حقن جو لحاظ رکن، هڪ ٻي سان تعاوُن ڪن وغيره، ڇوته جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته مُعاشَرو اَمن جو گهوارو بڻجي ويندو ۽ شيطان ناڪام و نامراد ٿي ويندو۔ ان ڪري هو مسلمانن کي مُعاف ڪرڻ ۽ غُصّي تي قابو آڻڻ نٿو ڏي، تنهنڪري شيطان جي مُخالَفَت ڪندي ان جي وار کي ناڪام بڻايو ۽ دَرگُذر ڪرڻ اِختيار ڪريو۔ ياد رهي! ڪنهن مسلمان سان غَلَطي ٿيڻ تي ان کي معاف ڪرڻ جيتوڻيڪ نفس تي نهايت دشوار آهي، پر جيڪڏهن اسان عَفو و دَرگُذر جي فضيلتن کي پيشِ نظر رکنداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اللہ  پاڪ جي طرفان اِنعام و اِڪرام جا حقدار به ٿينداسين۔ اچو! هن باري ۾ 5 احاديثِ مُبارَڪه ٻڌو ۽ ماڻهن کي معاف ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو۔

ماڻهن سان درگزر ڪرڻ جي فضيلت

(1) پياري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: ٽي ڳالهيون جنهن شخص ۾ هونديون اللہ  تعاليٰ قِيامت جي ڏينهن ان جو حِساب تمام آسان طريقي سان