Book Name:Muaf Karny K Fazail

جيڪي پاڻ ۾ دنياوي سبب جي ڪري رنجش رکن ٿا، فرمائيندو آهي: ”انهن کي ڇڏي ڏيو، جيستائين پاڻ ۾ صلح نه ڪن.“تنهنڪري اهلسنّت کي گهرجي ته جيتري قدر ممڪن هجي غروبِ آفتاب کان پهريان 14 شعبان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي معاف ڪن. هڪٻئي جا حق ادا ڪن يا معاف ڪرائي وٺن جو بِاِذنِہ تعالٰي حقوق العباد کان اعمال نامه خالي ٿي ڪري اللہ  پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ٿين. حقوقِ مولا تعالٰي جي لاءِ سچي توبهه ڪافي آهي. (حديث پاڪ ۾ آهي) اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ کَمَنْ لَّا ذَنبَ لَہٗ (يعني گناه کان توبهه ڪرڻ وارو ايئن آهي ڄڻ ان گناهه ڪيو ئي ناهي. (ابن ماجه حديث 4250) اهڙي حالت ۾ بِاِذنِہ تعالٰي ضرور هن رات ۾ مغفرت جي پڪي اميد آهي بس عقيدو درست هجڻ شرط آهي وَہُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِیْم (۽ اهو گناهه مٽائڻ وارو رحمت فرمائڻ وارو آهي)

    هي سڀ مصَالَحَتِ اِخوان (يعني ڀائرن ۾ صلح ڪرائڻ) ۽ حقن جي معافي بِحَمْدِہٖ تعالٰي هتي ڪيئي سالن کان جاري آهي، اميد آهي ته توهان به اتي جي مسلمانن ۾ هن کي جاري ڪري مَنْ سَنَّ فِی الْاِسْلامِ سُنَّۃًحَسَنَۃً فَلَہٗ اَجْرُھَا وَاَجْرُمَنْ عَمِلَ بِھَا اِلٰی یَوْمِ الْقِیٰمَۃِ لَا یَنْقُصُ مِنْ اُجُوْرِ ہِمْ شَیٌٔ (يعني جيڪو اسلام ۾ چڱي راهه ڪڍي ان جي لاءِ ان جو ثواب آهي ۽ قيامت تائين جيڪي ان تي عمل ڪن انهن سمورن جو ثواب هميشه ان جي اعمال نامي ۾ لکيو ويندو بغير ان جي جو انهن جي ثوابن ۾ ڪمي اچي) جا مصداق ٿين ۽ هن فقير جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ معافي ۽ سلامتي جي دعا ڪريو. فقير توهان جي لاءِ دعا ڪري ٿو ۽ ڪندو. سڀني مسلمانن کي سمجهايو وڃي ته اتي(يعني بارگاهه الٰهي ۾) نه خالي زبان ڏٺي ويندي آهي نه نفاق پسند آهي، صلح ۽ معافي سڀ سچي دل سان هجي. وَالسلام (ڪليات مڪاتيب رضا،1/ص356 کان 357)

ٻي رڪاوٽ: غُصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاف ڪرڻ ۾ هڪ رڪاوٽ غُصّو (ڪاوڙ) به آهي۔ غُصّو هڪ اهڙو مُوذِي مَرَض آهي جيڪو انسان کي مُعاف ڪرڻ تي آمادو ٿيڻ ئي ناهي ڏيندو، غصي وارو شخص پنهنجي ضِد تي اَڙيل رهندو آهي ته فُلاڻي