Book Name:Muaf Karny K Fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاف ڪرڻ ۾ هڪ رُڪاوٽ عِلمِ دين ۽ چڱي صحبت کان دوري به آهي۔ جيڪو ٻانهو عِلمِ دين جي دَولت ۽ چڱي صحبت جي بَرَڪتن کان محروم هوندو آهي عموماً اهڙي شخص کي مُعاف ڪرڻ جي سعادت کان محروم ڪرڻ شيطان جي لاءِ آسان ٿي ويندو آهي۔ اڄوڪي دور ۾ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان جي اڳيان کليل ڪتاب وانگر آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ماحول سان وابسته ٿيڻ جي برڪت سان اسان کي اهي ٻه نعمتون مُيسَّر ٿي سگھن ٿيون۔ تنهنڪري اوهان به عِلمِ دين جي دَولت ماڻڻ ۽ چڱي صُحبت جي فيضان سان مالا مال ٿيڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو، سُنّتن ڀري اِجتماع ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ پابندي سان شرڪت ڪريو، مڪتبة المدينه تان جاري ٿيڻ وارن ڪتابن ۽ رسالن جو مطالعو ڪريو، مَدرَسة المدينه بالِغان ۾ پڙھو يا پڙھايو، مَدَني دَرْس ۽ چوڪ دَرس ڏيو يا ان ۾ شرڪت فرمايو، مَدَني اِنعامات جو رِسالو ڀريو، مَدَني قافِلن ۾ سفر ڪريو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ آهستي آهستي دل ۾ مُعاف ڪرڻ ۽ معافي گھرڻ جو جذبو بيدار ٿي ئي ويندو۔

یہاں سُنّتیں سیکھنے کو ملیں گی         دِلائے گا خوفِ خُدا مَدَنی ماحول

تو آ بے نمازی، ہے دیتا نمازی       خدا کے کرم سے بنا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ     گناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ       تمہیں عاشقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلسِ وُڪلاء

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جتي ڪم و بيش