Book Name:Muaf Karny K Fazail

غلام آهيو؟ بلڪه صِرف اهو پڇيو ته توهان غلام آهيو؟ ته مون چيو: ها! ڇوته مان ربّ ڪريم جو غلام(يعني ٻانهو) آهيان۔ جڏهن ان منهنجي مٿي تي هنيو ته مون اللہ  پاڪ کان ان جي لاءِ جنّت جو سُوال ڪيو۔ عَرض ڪيو ويو: ان اوهان تي ظُلم ڪيو ته اوهان ان جي لاءِ دعا ڇو گھري؟ فرمايائون: مون کي هي معلوم هو ته تڪليف برداشت ڪرڻ تي مون کي ثواب ملندو تنهنڪري مون اهو مناسب نه سمجھيو ته مون کي ته ثواب ملي ۽ هو عذاب ۾ گرفتار ٿي وڃي۔  (احياء العلوم ،۳/۲۱۶ملخصاً)

(3)معاف ڪرڻ قدرت کان بعد ئي ٿيندو آهي!

حضرت سَيدُنا مَعمَر بن راشِد رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه بَيان ڪن ٿا ته هڪ شخص حضرت سَيدُنا قَتاده بن دِعامه رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جي صاحبزادي کي زوردار چماٽ هنئي۔ پاڻ بِلال بِن اَبِي بُردَه کان ان جي خلاف مدد گھري پر ان ڪو تَوجھ نه ڏنو، پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه ڪسريٰ سان شڪايت (Complain) ڪئي ته ان بِلال بِن اَبِي بُردَه ڏانهن لکيو: تون ابُوخطاب حضرت سَيدُنا قَتاده بِن دِعامه رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه سان اِنصاف ناهي ڪيو۔ پوءِ بِلال بِن اَبِي بُردَه چماٽ هڻڻ واري کي گھرايو ۽ بَصره جي سَردارن کي به سڏرايو۔ اهي پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه کان ان شخص جي سفارش ڪرڻ لڳا پر پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه سِفارِش قَبول نه ڪئي ۽ پٽ کي فرمايائون: تون به ساڳي طرح هن کي چماٽ هڻ جهڙي طرح ان تون کي هنئي هئي ۽ فرمايائون: پٽ! آستينون مٿي ڪري وٺو ۽ هٿ بلند ڪري زوردار چماٽ هڻ۔ پوءِ پٽ آستينون مٿي ڪيون ۽ چماٽ هڻڻ جي لاءِ هٿ مٿي ڪيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه ان جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ فرمايائون: ”اسان اللہ  جي رضا جي لاءِ ان کي مُعاف ڪيو ڇوته چيو ويندو آهي ته مُعاف ڪرڻ قُدرت کان بعد ئي ٿيندو آهي۔“

(اللہ  والوں کی باتيں،۲/۵۱۹)

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسِطے اُٹّھیں                                     بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یاربّ