Book Name:Muaf Karny K Fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! شعبان المعظم جو مهينو جاري ۽ ساري آهي ۽ عنقريب شبِ براءت اچڻ واري آهي. شبِ براءت نهايت اهم رات آهي، تنهنڪري ڪهڙي صورت ۾ به هن کي غفلت ۾ نه گزارڻ گهرجي ڇوته هن رات رحمتن جي خوب برسات ٿيندي آهي. هن مبارڪ رات ۾ اللہ  پاڪ”بني ڪلب“جي ٻڪرين جي وارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي جهنم کان آزاد فرمائيندو آهي. ڪتابن ۾ لکيل آهي”بني ڪلب جو قبيلو“ عرب جي قبيلن مان سڀ کان وڌيڪ ٻڪريون پاليندو هو.(مرقاة المفاتيح،3/375)

     هاءِ!افسوس ڪجهه بدنصيب اهڙا به آهن جن تي شبِ براءت يعني ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ واري رات به نه بخشيو وڃڻ جي وعيد آهي. جيئن ته

     حضرت سيدنا امام بَيهَقِي شافعي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه ”فضائل الاوقات“۾ نقل  ڪن ٿا: رسول اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو  فرمانِ عبرت نشان آهي: 6 ڇهن ماڻهن جي ان رات به بخشش نه ٿيندي.(1) شراب جو عادي، (2) ماءُ پيءُ جو نافرمان، (3) بدڪاري جو عادي، (4) رشتي دارن سان) تعلق ٽوڙڻ وارو، (5) تصوير بڻائڻ وارو(اهو حڪم ڊيجيٽل تصويرن جو ناهي. انهن جو پرنٽ اوٽ ناهي ڪيو ويندو بلڪ ان مان مراد جاندار جون اهي تصويرون آهن جيڪي پرنٽڊ ٿين) ۽ (6) چغل خور(فضائل الاوقات 1/130،حديث 27) ته پوءِ شبِ براءت جي اچڻ کان پهريان بلڪ اڄ ۽ هاڻي ئي انهن تمام گناهن کان سچي توبهه ڪري وٺو. جيڪڏهن ماڻهن جا حق دٻايا آهن ته توبهه سان گڏوگڏ انهن کان معافي به گهري وٺو.

امام اهلسنت رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جو پيغام سڀني مسلمانن جي نانءُ

    اعلٰي حضرت، امام اهلسنت مولانا شاهه امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي هڪ ارادتمند(يعني مريد) کي شبِ براءت کان پهريان توبهه ۽ معافي تلافي جي تعلق سان پنهنجي هڪ مڪتوب شريف ۾ لکن ٿا: شبِ براءت قريب آهي، هن رات ۾ سڀني ٻانهن جا عمل اللہ  پاڪ جي بارگاهه ۾ پيش ٿيندا آهن. اللہ  پاڪ حضورِانورصَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طفيل مسلمانن جا گناهه معاف فرمائيندو آهي پر ڪجهه(ماڻهن کي معاف ناهي فرمائيندو) انهن مان اهي ٻه مسلمان