Book Name:Muaf Karny K Fazail

ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب

          اچو! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101مدني گل‘‘ مان ننهن ڪٽڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ ٭ جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهن۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (درمختار ج 9 ص 668) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي بهار شريعت، جلد 3 ص 583 ۾ فرمائن ٿا؛ منقول آهي؛ ”جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي اللہ  تعاليٰ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ هڪ روايت ۾ هي به آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔ (درمختار و ردالمحتار ج 9 ص 668) (2)هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي منقول طريقي جو خلاصو پيش خدمت آهي: پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن ڪٽيو وڃي۔ (درمختار ج 9 ص 670، احياءُ العلوم، ج 1، ص 193) (3) پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ (درمختار، ج 9 ص 670) (4) جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 358)(5) ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙهه) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ (ايضًا) (6) ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو ته به حرج ناهي۔

(فتاويٰ هنديه، ۵ /۳۵۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد