Book Name:Muaf Karny K Fazail

جي آيت نمبر 134 جو اهو حِصّو تلاوت ڪيو:

وَ  الْكٰظِمِیْنَ  الْغَیْظَ  وَ  الْعَافِیْنَ  عَنِ  النَّاسِؕ-

ترجموڪنزالايمان: ۽ غصو پيئڻ وارا ۽ ماڻهن کي درگذر ڪرڻ وارا

پاڻ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: مون مُعاف ڪيو۔ غلام وري ساڳي آيت جو آخري حِصّو پڙھيو:

وَ  اللّٰهُ  یُحِبُّ  الْمُحْسِنِیْنَۚ(۱۳۴)

ترجموڪنزالايمان: ۽ نيڪ ماڻهو اللہ  (عَزَّوَجَلَّ)  جا محبوب آهن۔

پاڻ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: مون توکي اللہ  پاڪ جي رضا جي لاءِ آزاد ڪيو۔ (روح البيان،اٰل عمران ،۲/ ۹۵،تحت الاٰية:۱۳۴ملخصاً)

(2)ظلم ڪرڻ واري کي به دعا ڏنائون

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”اِحياء العلوم“ جلد 3 جي صفحي نمبر 216 تي آهي: هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه ڪنهن ريگستان ڏانهن ويا ته اتي پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه کي هڪ سِپاهي مليو، ان چيو ڇا توهان غلام آهيو؟ فرمايائون: ها! ان چيو: بستي ڪهڙي پاسي آهي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه قَبرِستان ڏانهن اِشارو ڪيائون۔ سِپاهي چيو: مان بستي(آباديءَ) بابت پڇي رهيو آهيان۔ فرمايائون: اهو ته قبرستان ئي آهي۔ اهو ٻڌي ان کي ڪاوڙ آئي ان ڪوڙو سندن مٿي تي هنيو ۽ زخمي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه کي شهر ڏانهن وٺي ويو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جي ساٿين ڏٺو ته سِپاهي کان پڇيائون: هي ڇا آهي؟ سِپاهي اهو واقعو بيان ڪيو۔ اُنهن سپاهي کي ٻڌايو هي ته (زماني جا وَلي) حضرت سَيدُنا اِبراهيم بن اَدهم رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه آهن۔ هي ٻڌي اهو گھوڙي تان لٿو ۽ سندن رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جا هٿ پير چمندي مَعذِرَت ڪرڻ لڳو۔ اوهان کان پڇيو ويو: اوهان اهو ڇو چيو ته مان غلام آهيان۔ فرمايائون: ان (سپاهي) مون کان هي نه پڇيو ته توهان ڪنهن جا