Book Name:Muaf Karny K Fazail

جي بارش ٿيڻ لڳي ۽ هڪ دَم ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته

                         جہاں تاریک تھا، بے نُور تھا اور سخت کالا تھا

کوئی پردے سے کیا نکلا کہ گھر گھر میں اُجالا تھا ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان انبياء ۽ مرسلين عَلَیْہِمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام، صحابه ۽ تابعين رَضِیَ اللّٰہُ تَعَالٰی عَنْہُمْ اَجْمَعِیْن سان گڏو گڏ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي سيرت جو مُطالَعو ڪريون ته اتي انهن جي سيرت کان به اسان کي دَرگُذر جي حوالي سان کوڙ مدني گل ملندا، اللہ  پاڪ پنهنجي انهن مُقَرَّب ٻانهن کي جتي ٻين ڪيترن بي مثال خوبين سان سَرفراز ڪندو آهي، اتي اها خوبي به انهن جي ڪردار جو حِصّو هوندي آهي ته اهي حضرات ماڻهن کي معاف ڪندا هئا ۽ حُقوقُ العباد جي بجا آوري ۾ ڪوتاهي نه ڪندا هئا، ماڻهو انهن جا حق دٻائي ڇڏيندا هئا پر اهي حضرات ماڻهن جي حقن جي ادائيگي کان ڪڏهن غافِل نه ٿيندا هئا، نادان ماڻهو انهن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيندا هئا پر اهي بزرگ اُنهن کي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ ۽ نَفس خاطِر غُصّو ڪرڻ جي بدران انهن کي دعائون ڏيندا هئا ۽ مُعافي سان نوازي ثواب جو خزانو ماڻيندا هئا۔ اچو! ترغيب خاطر هن باري ۾ 3 نصيحت آموز حڪايتون ٻڌون ٿا، جيئن ته

(1) غلام کي آزاد ڪري ڇڏيو!

حضرت سَيدنا امام حَسَن مجتبيٰ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه هڪ ڀيري ڪجھ مهمانن سان گڏ ماني کائي رهيا هئا، غلام گرم گرم شوربي جو پيالو آڻي رهيو هو ته ان جي هٿان پيالو ڪريو جنهن سبب شوربي جا ڇنڊا سندن تي به پيا۔ اهو ڏسي غلام گھٻرائجي ويو ۽ شرمساري واري لهجي ۾ ان سوره اٰلِ عمران



[1] سیرتِ مصطفی،۴۳۷تا۴۴۱ملخصاً