Book Name:Muaf Karny K Fazail

انهن رُڪاوٽن کي پري ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري۔ اچو! ڪجھ رُڪاوٽن جي باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن ته

پهرين رڪاوٽ:  تڪبر

مُعاف ڪرڻ ۾ وڏين رُڪاوٽن مان سڀ کان وڏي رُڪاوٽ غُرور و تَڪبُّر به آهي۔ تَڪبُّر جي تعريف هي آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ٻين کان اَفضل سمجھي۔ (المُفرَدات للرّاغب ص۶۹۷) تَڪبُّر ۾ مُبتَلا انسان ماڻهن کي مُعاف ڪرڻ پنهنجي بي عزتي تَصَوُّر ڪندو آهي، هو سمجھندو آهي ته مُعاف ڪرڻ منهنجي وَقار جي خلاف آهي، ان طرح ته منهنجو شان گھٽجي ويندو، ماڻهو ڇا چوندا وغيره۔ ياد رکو! مُعاف ڪرڻ سان هرگز عزت ۾ ڪمي ناهي ايندي بلڪ پهريان کان ڪيئي ڀيرا وڌي ويندي آهي،جيئن ته

مُعاف ڪرڻ سان عزّت وڌندي آهي

نبي ڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ رَحمت نشان آهي: صَدَقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو ۽ انسان ڪنهن جو قُصُور مُعاف ڪري ته اللہ  پاڪ ان (مُعاف ڪرڻ واري) جي عزّت ئي وڌائيندو ۽ جيڪو اللہ  ڪريم جي لاءِ تواضُع (يعني عاجِزي) ڪري، اللہ  پاڪ ان کي بُلندي عطا فرمائيندو۔ (مسلم،ڪتاب البروالصلة والآداب،باب استحباب العفو والتواضع،ص۱۰۷۱،حديث:۲۵۸۸۸ )

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اَميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو شمار انهن نيڪ ٻانهن ۾ ٿيندو آهي جن جي سُنّتن ڀرين بيان ۽ تحريرن جي ذريعي مسلمانن معافي گھرڻ، مُعاف ڪرڻ ۽ حُقوق العباد جي بجا آوري ڪرڻ سکي آهي۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارن ڪيئي ڀيرا ٻڌو ۽ ڏٺو آهي ته پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجا سمورا حق مُعاف (Forgave) ڪري چڪا آهن ۽ ٻين کان به حق مُعاف ڪرڻ جي عاجزانه اِلتجائون ڪيون آهن۔ اهو ئي انداز سندن تحريرن ۾ به نظر ايندو آهي،

مَدَني وصِيتون

اَميرِ اَهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي تصنيف ”غيبت جون تباھ ڪاريون