Book Name:Muaf Karny K Fazail

روزِ روشن جيان واضح ٿي ويندو ته پاڻ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُرائي جو بدلو بُرائي سان نه ڏيندا هئا بلڪ مُعاف فرمائي ڇڏيندا هئا جيئن ته

شان مصطفٰي صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اُمُّ المُؤمِنِين، حضرت سيّدَتُنَا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَـنْهَا فرمائن ٿيون ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه عادةً خراب ڳالهيون ڪندا هئا ۽ نه ئي تَڪلُّفًا، ۽ نه بازارن ۾ گوڙ ڪرڻ وارا هئا ۽ نه ئي برائي جو بدلو برائي سان ڏيندا هئا بلڪ پاڻ سڳورا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معاف ۽ درگذر ڪري ڇڏيندا هئا۔   

                                                                                    (سُنن تِرمذي ج 3 ص 409 حديث 2023) 

جنهن جو شاندار مثال مڪي جي فتح جو واقعو آهي، مڪي شريف جي فتح ٿيڻ کان پهريان جن ڪافرن جي طرفان رسول اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ۽ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان تي زمين تنگ ڪئي وئي هئي، طرح طرح جون دَردناڪ تڪليفون ڏنيون ويون، مڪو فتح ٿيڻ ۽ مسلمانن کي غَلَبو حاصل ٿيڻ بعد ٻين قيدين سان گڏوگڏ انهن خونخوار درندن کي به گرفتار ڪري بارگاههِ مُصطَفٰي ۾ حاضر ڪيو ويو هو، جيڪڏهن ان موقعي تي ڪو ٻيو دُنيوي شهنشاھ هجي ها ته شايد انهن جي لاءِ سخت کان سخت سزائون تجويز ڪري ها، پر قربان وڃون! نبي اڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي به معافي سان نوازي ڇڏيو: جيئن ته

جان کے دُشمن خون کے پیاسوں کو بھی شہرِ مکّہ میں

عام مُعافی تم نے عطا کی کتنا بڑا احسان کیا

فتحِ مڪه جي ڏينهن عام مُعافي جو اعلان

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”سيرتِ مُصطفيٰ“ جي صفحي 437 تي آهي ته ۸ هجري ۾ جڏهن مڪو فتح ٿيو ته رحمت عالم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شَهنشاھ اسلام جي حَيثيت سان حرمِ الٰهي ۾ سڀ کان پهريون درٻارِ عام مُنعَقِد فرمايو، جنهن ۾ اِسلامي فوج جي علاوه هزارين