Book Name:Muaf Karny K Fazail

سيدُنا اميرِ مُعاوِيه ۽ اِبنِ زُبَير رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهُمَا

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب دِين و دُنيا کی انوکھی باتيںصَفحي نمبر446 تي آهي: منقول آهي ته حضرت سَيدُنا عَبدُاللہ  بِن زُبَير رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهُمَا جي هڪ زمين هئي جنهن ۾ سندن جا غلام ڪم ڪندا هئا ۽ پاڻ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي زمين سان لڳو لڳ حضرت سَيدُنا اميرِمُعاوِيه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جي زمين هئي جتي اُن جا غلام ڪم ڪندا هئا۔ هڪ ڀيري حضرت سَيدُنا اميرِ مُعاوِيه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جو هڪ غلام، حضرت سَيدُنا عبدُ اللہ  بِن زُبَير رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهُمَا جي زمين ۾ زبردستي گهڙي آيو, پوءِ پاڻ هڪ خَط (Letter) حضرت سَيدُنا اميرِ مُعاوِيه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه ڏانهن لکيو جنهن ۾ اهو تحرير ڪيائون: ”اوهان جو غلام منهنجي زمين ۾ گھڙي آيو آهي ان کي منع ڪريو۔ وَالسَّلَام۔ حضرت سَيدُنا اميرِ مُعاوِيه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه خط پڙھي هڪ صَفحو کڻي خط جو جواب ائين ڏنائون: ”اي حواري رسول (رسولِ خدا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وفادار ساٿي) جا صاحبزادا! غلام جيڪو ڪيائين مون کي هن جو اَفسوس آهي ۽ دُنيا جي مون وٽ ڪا حيثيت نه آهي۔ مان پنهنجي زمين اوهان کي ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهان ان کي پنهنجي زمين ۾ شامل ڪري وٺو ۽ ان ۾ موجود غلام ۽ مال به اوهان جو ٿيو۔ وَالسَّلَام۔“ اهو خط جڏهن حضرت سَيدُنا عبدُ اللہ  بن زُبَير رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهمَا وٽ پهتو ته پاڻ ان جي جواب ۾ لکيائون: ”مون اميرُالمؤمنين رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه جو خط پڙھيو آهي، اللہ  پاڪ سندن ڄمار وڏي ڪري!، اهڙيون شَخصِيتون جيستائين قُرَيش ۾ موجود آهن قُرَيش جي راءِ بيڪار ٿي نٿي سگھي۔ اهو خط جڏهن حضرت سَيدُنا اميرِ مُعاوِيه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه وٽ پهتو ته پاڻ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمايائون: ”جيڪو مُعاف ڪري ٿو اهو سَرداري ڪري ٿو، جيڪو بُردباري ڪندو آهي اهو عظيم هوندو آهي ۽ جيڪو دَرگُذر ڪري ٿو ماڻهن جون دِليون انهن ڏانهن مائل ٿي وينديون آهن۔“ (دين و دنيا کی انوکھی باتيں،ص۴۴۶ملتقطاًوملخصاً)

نہیں سَرکار! ذاتی دُشمنی میری کسی سے بھی                                                                                             مِری ہے نَفْس و شیطاں سے لڑائی یارسولَ اللہ