Book Name:Muaf Karny K Fazail

104 شُعبن ۾ دِينِ اسلام جو مدني پَيغام عام ڪري رهي آهي، اتي ’’وَڪالت‘‘ (Advocacy) سان وابسته ماڻهن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ”مَجلِسِ وڪلا“ جي ذَرِيعي انهن کي دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ڪندي، هن مَدَني مَقصَد مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ جي مُطابِق زِندگي گُذارڻ ۽ فڪرِ آخِرت جو مَدَني ذِهن ڏيڻ ۾ مصروفِ عمل آهي۔ هن شعبي جي عاشقانِ رسول جي گھرن، دفترن، بار ايسوسي ايشن وغيره ۾ وقت بوقت "مدني حلقن" جو سلسلو ٿيندو رهندو آهي، هن شعبي جا عاشقانِ رسول هفتيوار اجتماع ۽ مدني مذاڪري ۾ به شرڪت جي سعادت حاصل ڪن ٿا۔ مجلس مدرسة المدينه بالغان جي ڪوشش سان هن شعبي سان وابسته اَفراد کي به "تعليمِ قرآن" جي روشني سان منورڪرڻ جي لاءِ مدرسة المدينه بالغان جي ترڪيب ٿيندي آهي، جنهن ۾ قرآنِ ڪريم جي تعليم في سبيل اللہ  ڏني ويندي آهي۔ اللہ  تعاليٰ مجلسِ وڪلاء کي وڌيڪ ترقيون نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مقبول  جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی

ہر لب پہ دعا آئی فَیضانِ مدینہ میں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي سُنّتن ڀري بيان ۾ اسان ٻڌو ته

٭            مُعاف ڪرڻ وارا اللہ  ڪريم جا محبوب آهن۔

٭            مُعاف ڪرڻ وارن کي بخشش جي خوشخبري عطا ڪئي ويندي آهي۔

٭            مُعاف ڪرڻ وارن جو حساب آساني سان ورتو ويندو۔

٭            مُعاف ڪرڻ وارا بِلا حساب جنّت ۾ داخل ٿيندا۔

٭            ماڻهن جي غَلَطين کي مُعاف ڪرڻ وارن جون خطائون بروزِ قيامت مُعاف