Book Name:Muaf Karny K Fazail

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’هفتيوار سنتن ڀريو اجتماع‘‘

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته! اللہ  ڪريم جي نيڪ ٻانهن ۾ مُعاف ڪرڻ جو مَدَني جذبو ڪيتري قدر گھڻو هوندو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به نَفس جي خاطِر غُصّو ڪرڻ بدران ماڻهن کي مُعاف ڪري خوب خوب ثواب ڪمايون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان کي حقوق العباد کي ادا ڪرڻ ۽ ماڻهن جي غَلَطين کي مُعاف ڪرڻ جو ذِهن عطا ڪري ٿو تنهنڪري هنن خوبين سان آراسته ٿيڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار سُنَّتن ڀريو اِجتِماع“ به آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جا بيشمار دُنيوي ۽ اُخروي فائدا آهن، مثلًا هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان مسجد ۾ حاضري جي سعادت حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سُنَّت عام ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع جي برڪت سان علمِ دِين سان مالامال قِيمتي مدني گل اُمّت ِ مسلمه تائين پهچايا ويندا آهن۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ بي نمازين کي نمازي بڻائڻ لاءِ گھڻو مددگار آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي تشهير ۽ نيڪ نامي ٿيندي آهي۔ ٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ گھريون ويندڙ دُعائون قبول ٿينديون آهن ۔٭ هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتماع  ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام، صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين جي سيرتِ مبارڪه تي به سنتن ڀريا بيان ٿيندا آهن۔ جيڪي خوش نصيب عاشقان رسول هفتيوار سُنَّتن ڀريي اِجتِماع ۾ شرڪت ڪندا آهن. امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه انهن کي ائين دعائن سان نوازيندا رهندا آهن۔

جو پابند ہے اِجتماعات کا بھی                                 میں دیتا ہوں اُس کو دعائے مدینہ