Book Name:Muaf Karny K Fazail

منهنجي گھڻي دل ڏکائي آهي تنهنڪري ان کي مُعاف ڪرڻ جو سُوال ئي پيدا نٿو ٿئي۔ اهڙن جي خدمت ۾ عَرض آهي ته غَلَطيون انسان کان ئي ٿينديون آهن، تنهنڪري ننڍين ننڍين ڳالهين تي غُصَّو ڪرڻ چڱي ڳالھ نه آهي، مڃيوسين ته فلاڻي شخص اسان جو گھڻي دل ڏکايو هوندو پر ياد رهي! جيڪڏهن اسان بدلو وٺڻ تي قُدرت هوندي به ان کي مُعاف ڪنداسين ته اللہ  پاڪ به مُعاف ڪندو۔ اچو! تَرغِيب جي لاءِ هڪ اِيمان افروز حڪايت ٻڌو ۽ پنهنجي اندر مان ناجائز غُصّي جي عادت ڪڍي اللہ  پاڪ جي رضا حاصِل ڪريو،

لوڻ وڌيڪ وجھي ڇڏيو

شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِرِي رَضَوِي ضيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه  پنهنجي رِسالي ”غُصّي جو علاج“ جي صَفحي نمبر18 تي لکن ٿا: فرمائن ٿا ته هڪ شخص جي گهرواريءَ ڀاڄيءَ ۾ لوڻ گهڻو وجهي ڇڏيو۔ ان کي ڪاوڙ گھڻي آئي پر اهو سوچيندي هو غصي کي پي ويو ته مان به ته خطائون ڪندو رهندو آهيان، جيڪڏهن اڄ مون گهرواريءَ جي خطا تي سختيءَ سان پڪڙ ڪئي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو سڀاڻي قيامت جي ڏينهن اللہ  عَزَّوَجَلَّ به منهنجي خطائن تي پڪڙ فرمائي۔ پوءِ ان دل ئي دل ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي خطا مُعاف ڪري ڇڏي، انتقال کان پوءِ ان کي ڪنهن خواب ۾ ڏسي پُڇيو؛ اللہ  عَزَّوَجَلَّ توهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ان جواب ڏنو؛ گناهن جي ڪثرت سبب عذاب ٿيڻ وارو ئي هو ته اللہ  عَزَّوَجَلَّ فرمايو؛ منهنجي ٻانهيءَ ڀاڄيءَ ۾ لوڻ گهڻو وجهي ڇڏيو هو ۽ تو ان جي خطا معاف ڪئي هئي، وڃ مان به ان جي بدلي ۾ توکي اڄ مُعاف ڪريان ٿو۔

 (غصے کا علاج،ص۱۸)

رَحمت دَا دَریا اِلٰہی ہَر دَم وَگدا تیرا                         جے اِک قطرہ بخشیں مینوں کَم بَن جاوے میرا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٽئين رڪاوٽ: عِلمِ دِين ۽ چڱي صحبت کان دوري