Book Name:Muaf Karny K Fazail

مختصر وضاحت: يعني يا رسول اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اللہ  پاڪ جو ڪرم آهي جو منهنجي ڪنهن به مسلمان کان ذاتي دشمني ناهي بلڪ منهنجي لڙائي ته صرف ۽ صرف منهنجي نفس ۽ شيطان مردود کان آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اللہ  وارا ڪيتري قدر عمده خوبين جا مالِڪ هوندا آهن! جن جي شَخصِيت ۾ عاجِزي ۽ اِنڪساري، دنيا کان بي رَغبتي، سخاوت، اِيثار، بُردباري ۽ عفو و دَرگُذر جو جذبو تمام گھڻو سمايل هوندو آهي۔ اهي نيڪ ٻانها رڳو دعون ۽ نعرن جي حد تائين ئي محدود ناهن هوندا بلڪ اسلام انهن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو هوندو آهي، اهي حضرات پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کان بدلو نه وٺندا ها، بالفرض جيڪڏهن ڪو انهن سان سختي سان پيش به اچي ٿو ته اهي اللہ  وارا پاڻ کان ٻاهر نڪرڻ جي بدران پنهنجي مَدِّ مقابِل سان به شفقت ۽ مهرباني وارو سُلوڪ ئي ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سڄي دنيا ۾ انهن جي شان ۽ عظمت جا ڳڻ ڳائجي رهيا آهن، جڏهن هنن عظيم هستين جو مبارڪ ذِڪر ٿيندو آهي ته زبانن تي رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه يا رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جاري ٿي ويندو آهي۔ اي ڪاش! هنن عظيم هستين جي صَدقي ۾ ربِّ ڪريم اسان مسلمانن کي به مُعاف ڪري ۽ مُعاف ڪرڻ ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ جي سعادت ماڻڻ جو جذبو نصيب عطا فرمائي.   

ياد رهي! ڪاوڙ کي پي وڃڻ ۽ ماڻهن سان دَرگُذر ڪرڻ اهڙو بهترين عمل آهي، جو جيڪو خوش نصيب مسلمان هي عمل ڪندو آهي ان جو شُمار رَبِّ ڪريم جي پسنديده ٻانهن ۾ ٿيندو آهي، جيئن

سيپارو 4 سوره اٰلِ عِمران جي آيت نمبر 134 ۾ خُداءِ حنّان و منّان جو فرمانِ عاليشان آهي: