Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

دولت هجي، دولت مند ئي ڪامياب ٿيندو آهي وغيره وغيره۔ اسان غور ڪريون ته ڪٿي اسان دنيا سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي عبرت ناڪ انجام کان

غافل ته نه ٿي وياسين؟ ڇا اسان کي هميشه هن دُنيا ۾ رهڻو آهي؟ ڇا اسان کي مغفرت جو پروانو ملي چڪو آهي؟ ڇا اسان اڳوڻين اُمَّتن تي ايندڙ عذابن کي وساري ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان کي روزانو ٿيندڙ جنازن مان عبرت حاصل نٿي ٿئي، ڇا اسان بيماري واري بستر تي سِسڪندڙ مريضن کان سبق حاصل نٿا ڪريون؟ ڇا اسان نزع جون سختيون برداشت ڪري سگھنداسين؟ڇا اسان تنگ ۽ ڪاري قبر کي وساري ويٺاسين؟ ڇا اسان قبر جي نانگن وڇوئن ۽ ڪيڙن مڪوڙن کان نجات جو سامان ڪري ورتو؟ ڇا اسان مُنڪرنڪير جي سوالن جا جواب ڏيڻ جي تياري ڪري چڪا آهيون؟ ڇا قيامت جي ڏينهن جي حساب ڪتاب جي تياري اسان ڪري چڪا آهيون؟ بهرحال عافيت انهيءَ ۾ آهي ته اسان کي جيترو دنيا ۾ رهڻو آهي اُوترو دنيا جي لاءِ ۽ جيترو عرصو قبر ۽ آخرت جو آهي، اوترو قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مشغول رهون، ڪيئي ٺيڪ ٺاڪ مرڪندڙ انسان اوچتو موت جو شڪار ٿي ڏسندي ئي ڏسندي اونداھي قبر ۾ پهچي ويندا آهن، اهڙي طرح اسان کي به مرڻو پوندو، اونداھي قبر ۾ لهڻو پوندو ۽ پنهنجي ڪرڻ جو ڦل سهڻو پوندو۔

اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا محمدالياس عطار قادِري دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه نصيحت جا مدني گل عطا فرمائن ٿا:

تُو خوشی کے پُھول لے گا کب تلک؟      تُو یہاں زندہ رہے گا کب تلک؟

دولتِ دُنیا کے پیچھے تُو نہ جا       آخرت میں مال کا ہے کام کیا؟

مالِ دنیا دوجہاں میں ہے وبال      کام آئے گا نہ پیشِ ذُوالجلال

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد