Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

تون مون سان ڪيئن ڳالهائي رهيو آهين جڏهن ته تون به ته انهن ۾ آهين؟ ان چيائين: يقيناً مان انهن مان آهيان پر منهنجو اهو حال نه آهي جيڪو انهن جو آهي، جڏهن مُصيبت آئي ته انهن سان گڏ مون کي به گھيري ورتو ۽ هاڻي مان هاويه ۾ هڪ وار سان لٽڪيل آهيان، مون کي خبر نه آهي ته مون کي باھ ۾ ڪرايو ويندو يا وري مان نجات ماڻيندس۔ پاڻ
عَلَيهِ السَّلَام حوارين کي ارشاد فرمايائون: مان سچ چوان ٿو، جو جي ماني کائڻ، صاف سٿرو پاڻي پيئڻ ۽ ڪچري جي ڍير تي ڪتّن سان گڏ سمهڻ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جي لاءِ يقيناً ڪافي آهي۔ (حليۃ الاولياء ،وھب بن منبه،۴ / ۶۴،رقم: ۴۷۶۲)

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار       تُو اچانک موت کا ہوگا شکار

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ!     جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!

گر جہاں میں سو برس تُو جی بھی لے     قبر میں تنہا قیامت تک رہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل ڏڪائيندڙ حڪايت ۾ دنيا سان مَحَبَّت ڪرڻ وارن جي لاءِ نصيحت ۽ عبرت جا ڪيئي مدني گل مَوجُود آهن۔ افسوس! جيئن جيئن اسان رسالت واري زماني کان پري ٿيندا پيا وڃون اسان جي دلين ۾ فاني دُنيا ۽ مال ۽ دولت جي مَحَبَّت جون پاڙون مضبوط ٿينديون پيون وڃن۔ جنهن کي ڏسو هو دنيا جي پويان اکيون بند ڪندي ڀڄي رهيو آهي، ڪثير دولت، ڪيئي جائيدادون، زمينون، فيڪٽريون، هوٽل، پيٽرول پمپس، شاپنگ مالز، مارڪيٽون، پلازا، بنگلا ۽ عاليشان گاڏيون هئڻ جي باوجود به انسان جو حرص (Greed) ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي، جيڪڏهن ڪوئي دَرد مند عاشقِ رسول اهڙن کي نيڪي جي دعوت پيش ڪري ته ان کي اهو چئي ڇڙٻ ڏني ويندي آهي ته دُنيا انهيءَ جي عزّت ڪندي آهي، جنهن وٽ