Book Name:Dunya Ne Hame Kiya Diya ?

شيطان کاٻي هٿ سان کائيندو ۽ کاٻي هٿ سان پيئندو ۽ کاٻي هٿ سان وٺندو ۽ کاٻي هٿ کان ڏيندو آهي. (ابن ماجه، ج. 4، ص. 12، حديث 3266)

حضرت سيدنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا فرمائن ٿيون رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سڀني ڪمن ۾ ساڄي طرف کان ابتدا ڪرڻ کي پسند فرمائيندا هئا.

 (بخاري، ج. 1، ص. 81، حديث 168)

٭ ساڄي هٿ سان کائڻ پيئڻ سنت آهي. (آدابِ طعام، ص. 130) ٭ نيڪيون لکڻ وارو فرشتو ساڄي طرف رهندو آهي ان ڪري اهو طرف افضل آهي. (مراٰة المناجيح، ج. 1، ص. 287) ٭ حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهما کان روايت آهي ته کاٻي هٿ سان کائڻ نسيان پيدا ڪندو آهي. (حافظو ڪيئن مضبوط ٿئي، ص. 180) ٭ ساڄي هٿ سان کائڻ خاص طور تي چاور وغيره کائڻ وقت ڪجهه داڻا کاٻي هٿ ۾ ڪري پون ته انهن کي به ساڄي هٿ ۾ کڻي کائو. ٭ ساڄو هٿ ٻوڙ وغيره ۾ پئجي وڃڻ جي صورت ۾ کاٻي هٿ کان پاڻي پيئڻ جي بجاءِ ساڄو هٿ استعمال ڪريو. ٭ گرم چانهه کي ساسر ۾ ٿڌي ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ کاٻي هٿ ۽ ساسر کي ساڄي هٿ ۾ کڻي چانهه پئو. ٭ ڪنهن کي پاڻي پيئارڻ وقت کاٻي هٿ سان جڳ پڪڙي ساڄي هٿ ۾ گلاس رکي ته جيئڻ پاڻي پيش ڪرڻ وقت ساڄو هٿ استعمال ٿئي. ٭ مولانا محمد سردار احمد قادري چشتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ ساڄي هٿ کي استعمال ڪريو اها عادت اهڙي مضبوظ ٿي وڃي  جو سڀاڻي قيامت ۾ جڏهن نامه اعمال پيش ٿئي ته انهيء عادت جي مطابق ساڄو هٿ اڳتي وڌي وڃي تڏهن ته ڪم بڻجي وڃي.(حيات محدث اعظم، ص. 374)    

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن