Book Name:Maan ke Dua ka Asar
کي پهچي وڃن ته انهن کي اُف (هون) نه چئجان ۽ نه انهن کي جهڻڪ ۽ انهن سان ڳالهه تعظيم واري ڳالهاءِ ۽ انهن جي واسطي عاجزي جا پر وڇاءِ، نرم دليءَ سان ۽ عرض ڪر اي منهنجا رب تون انهن ٻنهيء تي رحم ڪر جيئن جو انهن ٻنهيء مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو.
بيان ڪيل آٓيت سڳورين تحت حضرت علّامه مَولانا سَيد مُفتي محمد نعيمُ الدِّين مُرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن والِدَين تي ضُعف (ڪمزوري) جو غَلَبو هجي، عضوئن ۾ قُوَّت نه رهي ۽ جيئن تون ننڍپڻ ۾ انهن وٽ بي طاقت هئين ائين ئي هو به عُمر جي آخر ۾ تو وٽ ڪمزور رهجي وڃن۔ ته ڪا اهڙي ڳالھ زبان مان نه ڪڍجان جنهن مان اهو سمجھيو وڃي ته انهن جي طرفان طبيعت تي ڪجھ بوجھ آهي۔ نه اُنهن کي ڌڙڪا ڏجان، نه تيز آواز سان ڳالھ ڪجان بلڪ ڪمالِ حُسنِ اَدب (تمام سٺي ادب) سان ماءُ پيءُ سان اهڙي طرح ڪلام ڪر جيئن غُلام ۽ خادِم (پنهنجي) آقا سان ڪندا آهن۔ انهن سان نَرمي ۽ عاجزي سان پيش اچ، ۽ انهن سان ٿڪل وَقت ۾ شَفقت ۽ مَحَبَّت ڀريو ورتاؤ ڪر ڇوته اُنهن تنهنجي مجبوري جي وَقت توکي مَحَبَّت سان نپايو هو ۽ جيڪا شيء انهن کي کپي ته انهن تي خَرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسي (بُخل) نه ڪر۔ مطلب هي آهي ته دنيا ۾ بهتر سُلُوڪ ۽ خدمت ۾ ڪيترو به مُبالَغو ڪيو وڃي پر والِدَين جي اِحسان جو حق ادا نٿو ٿي سگھي، ان ڪري انسان کي گھرجي ته بارگاھ اِلٰهي ۾ انهن تي فَضل ۽ رَحمت فرمائڻ جي دُعا ڪري ۽ عَرض ڪري ته ياربّ! منهنجون خدمتون انهن جي احسان جي جَزا (بدلو) نٿيون ٿي سگھن ته تون انهن تي ڪرم ڪر ته انهن جي اِحسان جو بدلو ٿئي۔
سيپارو 1سُوْرَۃُ الْبَقَرَه جي آيت83 جي تحت فرمائن ٿا: والِدَين سان اِحسان جا جيڪي طريقا بيان ڪيا ويا آهن اهي هي آهن (1) تَه دل(يعني سچّي دل) سان انهن سان مَحَبَّت رکي، (2) رَفتار ۽ گُفتَار ۾ نِشَست ۽ بَرخَاست (اُٿڻ ويهڻ) ۾ اَدب لازِم ڄاڻي (3) انهن جي شان ۾ تعظيم جا لفظ ڳالهائي، (4) انهن کي راضِي ڪرڻ جي ڪوشِش ڪندو رهي، (5) پنهنجي نَفيس(سٺي) مال کي انهن کان نه بچائي، (6) انهن جي مَرڻ کان بعد انهن جي وَصِيتن تي عمل ڪري)، (7) انهن جي لاءِ فاتِحه، صَدَقات، تلاوتِ قرآن مان اِيصالِ ثَواب ڪري، (8) الله ڪريم کان انهن جي لاءِ بخشش جي