Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

ڪاميابيون ڏياريندي آهي، ماءُ جي دُعا نُزولِ رَحمت جو سبب آهي، ماءُ جي دُعا گناهن جي مُعافي جو ذَرِيعو آهي، ماءُ جي دُعا جي بَرَڪت سان ربِّ ڪريم اَولاد تان مصيبتن ۽ آزمائشن کي ٽاريندو آهي۔ اچو! اڄ اسان ماءُ جي دُعائن جي بَرَڪتن تي مُشتَمِل ڪجھ اِيمان اَفروز واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪيون ٿيون،جيئن ته

اَمڙ جي دعا جو اثر

حضرتِ سَيدُنا عبدُالرَّحمٰن بن اَحمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه بَيان ڪن ٿا: مون پنهنجي والِد کي چوندي ٻڌو ته هڪ ڀيري هڪ پُوڙھيءَ عورَت حضرت سَيدُنا اِبِنِ مَخلَد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي عَرض ڪيائين: منهنجي جوان پٽ کي رُومين قَيد ڪري ورتو آهي۔ منهنجو هڪ ننڍڙو گھر آهي، ان جي عِلاوه مون وٽ ڪو به مال نه آهي ۽ ان گھر کي مان وڪڻي نٿي سگھان، تنهنڪري اوهان ڪنهن صاحبِ حَيثِيت کي چئو ته هو فِديو ڏئي منهنجي پٽ کي آزاد ڪرائي، ڇوته هاڻي نه مون کي ڏينهن جو قرار ايندو آهي ۽ نه رات جو ننڊ ايندي آهي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه ان کي تسلّي ڏيندي فرمايائون: مُحتَرَمه! اوهان وڃو! مان اوهان جي معامَلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشِش ڪريان ٿو۔ راوِي چون ٿا: جڏهن اها ٻُڍڙي هلي وئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه ڪنڌ جُھڪائي ويهي رهيا ۽ پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه جا مبارَڪ چَپ چُري رهيا هئا (جيئن ڪجھ پڙهي رهيا هجن)۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ ساڳي ٻڍڙي عورَت پنهنجي جوان پٽ کي گڏ وٺي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه کي دُعائون ڏيندي چوڻ لڳي: (اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ) منهنجو پٽ سلامَتي سان موٽي آيو آهي ۽ هو اوهان جي بارگاھ ۾ پنهنجي سفر جي باري ۾ ٻڌائيندو، پوءِ

پٽ (آيو ۽) چيائين: مان قَيدين جي هڪ جماعت سان گڏ رُومي بادشاھ جي قَيد ۾ هئس، ان جي قبضي ۾ کوڙ باغ هئا، هو هر ڏينهن اسان کي پنهنجن باغن (Gardens) ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ موڪليندو هو ۽ (شام جو) واپَس قَيد خاني ۾ بند ڪندو هو۔ هڪ ڏينهن جڏهن اسان مغرِب کان پوءِ (باغن ۾) ڪم ڪري واپَس قَيد خاني ڏانهن پئي آياسين ته اوچتو منهنجي پيرن ۾ ٻڌل مضبوط ٻيڙيون ازخود ٽُٽي زمين تي ڪري پيون۔ (راوِي جو بيان آهي ته) نَوجوان جنهن ڏينهن ۽ جنهن وَقت ۾