Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

آهي، پوءِ حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اتي ان قصّاب (گوشت کپائڻ واري) وٽ تشريف وٺي ويا، (ناواقفيت جي باوجود مسافر ۽ مهمان هجڻ جي ڪري) ان پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي دعوت ڪئي ـ جڏهن ماني کائڻ ويٺا ته ان وڏو ٽوڪرو پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، ان جي اندر ٻه گرهه وجھندو پاڻ هڪ گرهه کائيندو هوـ ايتري ۾ ڪنهن دروازو کڙڪايو، قصّاب (گوشت کپائڻ وارو)  اٿي ٻاهر  ويو، حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان ٽوڪري ۾ ڏٺو ته ان ۾ تمام پوڙها مرد ۽ عورت هئا، حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام تي نظر پئي ته انهن جي چَپن تي مُرڪ اچي وئي انهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي رسالت جي شهادت (يعني گواهي) ڏني ۽ انهي وقت وفات فرمائي ويا، قاصائي آيو ته زنبيل (کجيءَ جي پنن مان ٺهيل ٽوڪري) ۾ پنهنجي والدين کي فوت ٿيل ڏسي معاملو سمجھي ويا، ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جا هٿ مبارڪ چُمي عرض ڪيائين: توهان الله عَزَّ وَجَلَّ جا نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام لڳو ٿا، پاڻ فرمايو: توکي ڪيئن اندازو ٿيو؟ عرض ڪيائين: منهنجا ماءُ پيءُ روزانو نهايت عاجزي سان دعا ڪندا هئا ته ياالله عَزَّ وَجَلَّ! اسان کي حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي جلوَن ۾ موت نصيب فرماءِ، انهن ٻنهي جي اوچتي وفات تي مون اندازو لڳايو ته اوهان ئي حضرت سيدنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هوندا ـ قاصائيءَ وڌيڪ عرض ڪيو: منهنجي ماءُ جڏهن ماني کائي وٺندي هئي ته خوش ٿي منهنجي لاءِ اها دعا گھرندي هئي: ياللهعَزَّ وَجَلَّ منهنجي پٽ کي جنت ۾ حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو ساٿي بڻائجان ـ حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: مبارڪ هجي الله عَزَّ وَجَلَّ توکي جنت ۾ منهنجو ساٿي بڻايو آهي۔             (سمندري گنبد،ص۷ملخصاً)

پڑوسی بنا مجھ کو جنّت میں اُن کا               خدائے محمد برائے مدینہ

ماءُ جي دعا جي سبب عتيق

اميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا ابوبڪر صِدِّيق رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کي عَتِيق چوڻ جو هڪ سبب اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته سندن والِده جو ڪو ٻار زنده نه رهندو هو، جڏهن