Book Name:Maan ke Dua ka Asar
سندن ولادت ٿي ته سندن والِده پاڻ کي کڻي بيتُ الله شريف وئي ۽ ٻاڏائي ائين دُعا گھري: اي منهنجا پَروَردگار! جيڪڏهن منهنجو اهو پٽ مَوت کان آزاد آهي ته هي مون کي عطا فرمائي ڇڏ۔ ان کان پوءِ پاڻ کي عَتِيق چيو ويندو هو۔ (تاريخ الخلفاء،ص ۲۲)
سلطان العارفين،حضرتِ سَيدُنا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه عارفن جو امام۽ زماني جا غوث هئا 160 هجري ۾بسطام (صوبو سمنان) ايران ۾ پيدا ٿيا پاڻ تقوي ۽ پرهيزگاري، حسنِ سلوڪ، همدردي عبادت ۽ رياضت جا پيڪر هئا ، اوهان جي باري ۾ منقول آهي ته جڏهن پاڻ نماز پڙهندا ته الله ڪريم جي خوف سبب سندن سيني جي هڏين مان چرچراهٽ جي آواز نڪرندي، ايستائين جو ماڻهو ان آواز کي ٻڌندا هئا. 15 شعبان المعظم 261 هجري ۾ سندن وفات ٿي ۽ اڄ به سندن مزار بسطام ۾ آهي (طبقاتِ صوفيه،67.تذڪره مشائخ نقشبنديه،ص70،76،65 ملتقطا) اچو اوهان جو والده جي ادب جي متعلق هڪ واقعو ٻڌو.
سلطان العارفين،حضرتِ سَيدُنا بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا:سياري جي هڪ سخت رات منهنجي امان مون کان پاڻي گھريو، پاڻي جو گلاس ڀري کڻي آيس پر اَمڙ کي ننڊ اچي وئي، مون جاڳائڻ مناسب نه سمجھيو پاڻي جو گلاس کڻي انهي انتظار ۾ ماءُ جي ويجهو بيٺو رهيس ته سجاڳ ٿـين ته پاڻي پيش ڪـريان، بيٺي بيٺي گھڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ گلاس جو ڪجھ پاڻي وهي منهنجي آڱر تي برف بڻجي ويو هو، بهرحال جڏهن منهنجي اَمڙ بيدار ٿي ته مون پاڻي جو گلاس پيش ڪيو برف جي ڪري منهنجي ڳنڊيل آڱر جيئن گلاس کان جدا ٿي ته ان جي کل به جدا ٿي وئي ۽ رت وهڻ لڳو ماءُ هي ڏسي فرمايو: هي ڇا ؟ مون سڄي حقيقت بيان ڪئي ته انهن هٿ کڻي دعا ڪئي: اي الله عَزَّ وَجَلَّ! مان هن کان راضي آهيان تون به هن سان راضي رهجان۔(سمندري گنبد،ص۴)
مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان حضرت علّامه مولانا سردار اَحمد قادِرِي چشتي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ