Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

گزارش آهي ته گهر ۾ مدني ماحول بڻائڻ جي لاءِ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو درسِ فيضانِ سنت ڏيڻ يا ٻڌڻ جي ترڪيب بڻايو (جنهن ۾ نامحرم نه هجن) امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليہ جي تخريج ڪيل رسالن مان به حسب موقع درس ڏئي سگهجي ٿو (دورانيو 7 منٽ آهي)

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ  ٭گهر درس مسلمانن کي برائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي ٭ گهر درس بي نمازين کي نمازي بڻائيندو آهي٭ گهر درس جي برڪت سان نيڪين ۾ رغبت پيدا ٿيندي آهي ٭  گهر درس جي برڪت سان مدني ڪمن ۾ ڌومون مچي وينديون آهن ٭ گهر درس نمازن جي پابندي جو ذهن بڻائڻ سان گڏو گڏ علم دين جون کوڙ ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين علم دين جو ڳالهيون پهچائڻ،اجر ۽ ثواب جو ڪم آهي،جيئن ته

نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو:جيڪو شخص منهنجي امت تائين ڪا اسلامي ڳالهه پهچائي ته جيئن ان کان سنت قائم ڪئي وڃي يا ان کان بدمذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنتي آهي (حلية الاولياء،10/45حديث:14466)

ته پوءِ توهان به گهر درس ڏيڻ جي نيت فرمايو اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ملاحظه ڪريو جيئن ته

ڊائجسٽ پڙهڻ جي شوقين

باب المدينه (ڪراچي) جي اسلامي ڀيڻ کي ڊائجسٽ وغيره پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو انهن جي زندگي ۾ عمل جي بهار ڪجهه هيئن آئي، ان جا وڏا ڀاءُ جيڪي دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هئا اهي مختلف رسالا وٺي گهر آڻيندا جن کي پڙهي ڪري ان کي مدني ماحول سان لڳاءُ ٿي ويو،آهسته آهسته دعوت اسلامي جي اجتماعن ۾شرڪت جي برڪت سان مدني ماحول سان به وابسته ٿي ويون ۽ انهن بي پردگي کان به توبهه ڪئي ۽ مدني برقعو پائڻ،نمازن جي پابندي ڪرڻ جو مدني عزم ڪري ورتو ۽ نيڪيون ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي پر دعوت اسلامي جو