Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

۽ ڪتاب جنّت ۾ داخِل فرماءِ، انهن سان هميشه جي لاءِ راضِي ٿي وڃ“ وغيره۔ ته اچو! اڄ اسان سڀئي نِيت ڪريون ٿيون ته پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪنديون رهنديون سين ، انهن جي نافرماني کان بچنديون سين، انهن سان زبان درازي نه ڪنديون سين، انهن جي اڳيان هوريان آواز ۽ نگاهون هيٺ رکنديون سين، انهن جي خلافِ مزاج ڳالهين ۽ سخت جُملن تي صَبر ڪنديون سين، انهن جي ضرورتن کي پُورو ڪنديون سين، ماءُ پيءُ جي پسند ۽ ناپسند جو خيال رکنديون سين، ماءُ پيءُ جي ڏک تڪليف ۾ انهن جو سهارو ٿينديون سين، ماءُ پيءُ جي آرام ۾ خلل نه وجھنديون سين، رُٺل والِدَين کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪنديون سين، انهن جي کائڻ پيئڻ، رهڻ سهڻ ، دوا ۽ ٻين شين ۾ انهن جي خير خواهي ڪنديون سين، انهن جو هر جائز حڪم مڃينديون سين۔اِنْ شَآءَ الله عَزَّ وَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!يقيناً ماءُ پيءُ جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري ڪرڻ اَولاد تي لازِم آهي البت ماءُ پيءُ جيڪڏهن ڪنهن خلافِ شرع ڳالھ جو حڪم ڏين مثال طور پردو نه ڪريو وغيره ته ان صورت ۾ شريعت انهن جو حڪم مڃڻ کان منع فرمايو آهي ڇوته ربِّ ڪريم جي نافرماني ۾ مخلوق جي فرمانبرداري ڪرڻ جائز نه آهي، جيئن ته

جيڪڏهن ماءُ پيءُ پاڻ ۾ وڙهن ته اولاد ڇا ڪري؟

اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسنّت، مولاناشاھ امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ماءُ پيءُ پاڻ ۾ وڙهن ته نه ماءُ جو ساٿ ڏي نه پيءُ جو، هرگز ائين نه ڪري جو ماءُ جي محبت ۾ پيءُ تي سختي ڪري، پيءُ جي دل آزاري يا ان کي سامهون جواب ڏيڻ يا بي ادبي سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائڻ هي سڀ ڳالهيون حرام ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني آهي، اولاد کي ماءُ پيءُ مان ڪنهن جو ائين ساٿ ڏيڻ هرگز جائز ناهي، اهي ٻئي ان جا جنت ۽ دوزخ آهن، جنهن کي به ايذاء ڏيندو جهنم جو