Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

۽ بيرونِ ملڪ،پنهنجي علائقن/شهرن ۾ ٿيڻ واري اسلامي ڀينرن جي 8 مدني ڪمن ۾ مختلف ذميدارين تي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائي رهيون آهن اچو اسان به پنهنجي گهر جي اسلامي ڀينرن کي جامعة المدينه ۾ داخل ڪرايون ۽ پنهنجي لاءِ ثوابِ جاريه جو سامان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون)

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں             اے دعوتِ اسلامی تِری دُھوم مچی ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خُلاصو

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ٻڌو ته

٭ماءُ پيءُ ڏانهن نظرِ رَحمت ڪرڻ سان مقبول حجِ جو ثواب ملندو آهي۔

٭ماءُ پيءُ جي نافرماني جي حالت ۾ صُبح ڪرڻ واري جي لاءِ جهنّم جا 2 دروازا کلي ويندا آهن.

٭ماءُ جي دُعا مصيبتن ۽ آزمائشن کان ڇوٽڪارو ڏياريندي آهي۔

٭ماءُ جي دُعا جنّت جو حقدار بڻائيندي آهي۔

٭ماءُ اَولاد جي خاطِر پنهنجي خواهشن کي قُربان ڪندي آهي۔

٭ماءُ جي بد دُعا انسان کي دُنيا ۽ آخِرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ڪندي آهي۔

ربِّ ڪريم سڀني مسلمانن کي پنهنجي والِدَين جي فرمانبرداري ڪرڻ، اُنهن کي راضِي رکڻ، اُنهن جي لاءِ دعائون ڪرڻ، انهن جو هر جائز حڪم مڃڻ ۽ انهن جي دُعائن مان حِصّو ماڻڻ جي سعادت نصيب فرمائي.اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ