Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

کي تڪليف ڏيڻ وارن جي لاءِ عبرت جا مَدَني گل آهن، اتي ماءُ پيءُ جي لاءِ به غور جو مقام آهي، خاص ڪري اهي مائرون جيڪي ڳالھ ڳالھ تي پنهنجي اَولاد کي ان طرح چئي ڇڏينديون آهن ته تون برباد ٿي وڃي، تون تباھ ٿي وڃي،توکي ڪوڙهه نڪري وغيره بددعائون ڏين ٿيون انهن کي پنهنجي زَبان قابُو ۾ رکڻ گھرجي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو قَبولِيت جي گھڙي هجي، دُعا قَبول ٿي وڃي ۽ اَولاد کي سچي پچي ”ڪجھ“ ٿي وڃي ۽ ائين ماءُ پاڻ به ٽينشن(Tension) ۾ اچي وڃي! تنهنڪري اَولاد کي صِرف ڀلائي جي دعا سان نوازڻ ئي وڌيڪ مُناسِب آهي۔الله ڪريم اسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ کي خوش رکڻ ۽ انهن جون دعائون وٺڻ جي تَوْفِيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

جامعة المدينه (للبنات)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي اسلامي ڀائرن کي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري جو ذِهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبا قائم ڪيا آهن اتي اسلامي ڀينرن کي به پنهنجي والِدَين جي اکين جو تارو بڻائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي ڪيئي شعبا قائم ڪيا آهن۔ انهن مان هڪ ”مجلس جامعةُ المدينه (للبنات)“ به آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مجلس جامعةُ المدينه (للبنات) جي تحت مُلڪ ۽ بيرونِ ملڪ ۾تقريباً266  (ٻه سوڇاهٺ) جامعاتُ المدينه (للبنات) قائم آهن۔ جن ۾گهٽ وڌ 1623 (سورهن سو ٽيويهه) طالبات دَرسِ نِظامي (عالِمه ڪورس) جي مفت تعليم حاصل ڪري رهيون آهن۔ ڪم و بيش3600 (ٽي هزار ڇھ سو) اسلامي ڀينرون دَرسِ نِظامي (عالِمه ڪورس) جڏهن ته تقريباً414 (چارسو چوڏهن) اسلامي ڀينرون 25 مهينن جو”فَيضانِ شريعت ڪورس“ ڪرڻ جي سعادت حاصِل ڪري چڪيون آهن،سوين اسلامي ڀينرون جامعة المدينه للبنات ۾ نظامت ۽ تدريس جي منصب تي ديني خدمتون  سرانجام ڏئي رهيون آهن، هزارين اسلامي ڀينرون ملڪ