Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو! شَيخِ طريقت، اميرِ اَهلسنّت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي رِسالي ”101 مَدَني گل“ مان سلام ڪرڻ جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿيون: ٭ مسلمان (محرم) سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔ ٭ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد 3 صفحي 469 تي لکيل مسئلي جو خلاصو آهي: ”سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهي آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿي (بهار شريعت ،۳/۴۵۹،حصه ۱۶ ملخصا)٭ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ٭ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي٭ جيڪوسلام ۾ اڳرائي ڪري اهو الله عَزَّ وَجَلَّ جو مُقرّب آهي ٭ جيڪوسلام ۾ اڳرائي ڪري اهو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان آهي: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري (آزاد) آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786) ٭ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. (کيميائے سعادت) ٭ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چونديون ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵