Book Name:Maan ke Dua ka Asar
ڏسڻو پوي ها ڇاڪاڻ ته والِدَين ته اَولاد تي تمام گھڻا مهربان هوندا آهن، آخر ڇو هو مون سان ان طرح جو سُلوڪ ڪندا۔ تنهنڪري اهي اسلامي ڀينرون جن جا والِدَين زنده آهن اهي سوچين ته ڇا اسان پنهنجي والِدَين جا حق پُورا ڪيون ٿيون؟، ڇا اسان جا والِدَين اسان کان راضِي آهن، ڇا اسان انهن سان نرم انداز ۾ گفتگو ڪريون ٿيون؟، ڇا اسان انهن جو هر جائز حڪم مڃون ٿيون، ڇا اسان انهن سان لڙائي جھيڙو ته نه ٿيون ڪيون؟ ڇا اسان انهن جي اڳيان بد زباني ته نه ٿيون ڪيون؟ ڇا اسان انهن جي خدمت کي بوجھ ته نه ٿيون سمجھون؟ ڇا انهن جا ڪم ڪندي وقت اسان جي پيشاني تي ور ته نٿا پون؟، ڇا انهن جا ڌڙڪا ٻڌي اکيون ته نه ٿيون ڏيکاريون؟، ڇا خرچو گھرڻ تي اسان حيلا بهانا ته نه ٿيون ڪيون؟، ڇا اسان کي ڏسي اسان جي والِده جي اکين کي ٿڌاڻ نصيب ٿيندي آهي؟، ڇا اسان پنهنجي ماءُ جو ادب ۽ اِحتِرام ڪريون ٿيون؟ ڇا اسان پنهنجي ماءُ کان دعائن جي درخواست ڪريون ٿيون؟ ياد رکو! امڙ جي دعا تمام جلد قَبُولِيت جي مِعرَاج کي پهچي ويندي آهي جيئن ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: ماءُ جي دُعا (اولاد جي لاءِ) جلد قَبول ٿيندي آهي۔ عَرض ڪيو ويو، ان جو ڇا سبب آهي؟ اِرشاد فرمايائون: ماءُ، پيءُ جي مقابَلي ۾ وڌيڪ مهربان(Kind) هوندي آهي ۽ رَحم جي دُعا رَد ناهي ٿيندي۔(طبقات الشافيۃ الڪبري للسبڪي، ۶/۳۱۷)۔ اچو! اسان به ماءُ جي دعائن جي بَرڪتن تي مُشتَمِل ڪجھ واقعا ٻڌون ٿيون ۽ ماءُ جون دعائون وٺڻ وارا ڪم ڪرڻ جي نِيت ڪريون ٿيون، جيئن ته
شَيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رِسالي ”سامونڊي گنبذ“ صَفحي نمبر 7 تي بيان ڪن ٿا: حضرت سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام هڪ ڀيري الله پاڪ جي دربار ۾ عرض گذار ٿيا ـ ياربِّ غَفَّار عَزَّ وَجَلَّ! مون کي منهنجو جنت جو ساٿي ڏيکارـ الله عَزَّ وَجَلَّ فرمايو: فلاڻي شهر ۾ وڃو، اتي فلاڻو قصّاب (گوشت کپائڻ وارو) توهان جو جنّت جو ساٿي