Book Name:Maan ke Dua ka Asar
يعني جيتوڻيڪ اهي ظلم ڪن؟ ارشاد فرمايائون؛ جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن، جيتوڻيڪ ظلم ڪن۔
(شعب الايمان، باب في بر الو الدين،فصل في حفظ اللسان ...الخ،۶/۲۰۶،حديث:۷۹۱۶)
(3) هڪ شخص عَرض ڪيو، يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!والِدَين جو پنهنجي اَولاد تي ڪهڙو حق آهي؟ فرمايائون: هُمَا جَنَّتُكَ وَنَارُكَيعني اهي ئي تنهنجي جنّت ۽ تنهنجي دوزخ آهن۔
(ابن ماجه، ڪتا ب الادب ، باب بر الوالدين ،رقم:۳۶۶۲ ،۴/ ۱۸۶)
(4) هڪ شخص رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي عرض گذار ٿيو: منهنجي حُسنِ اخلاق جو وڌيڪ حق دار ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: توهان جي ماءُ۔ ان عرض ڪيو: پوءِ ڪيرآهي؟ ارشاد فرمايائون: توهان جي ماءُ۔ ان وري عرض ڪيو:پوءِ ڪير آهي؟ ارشاد فرمايائون: توهان جي ماءُ۔ عرض ڪيو پوءِ ڪيرآهي؟ ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: تنهنجو پيءُ ۔ (بخاري، ڪتاب الادب،باب من احقّ الناس بحسن الصحبۃ، ۴/۹۳،حديث:۵۹۷۱)
اچو دعا ڪريون ٿا:
مُطِیْع اپنے ماں باپ کا کر میں اُنکا ہر ایک حکم لاؤں بجا یااِلٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بَيان ڪيل اَحاديثِ مبارڪه مان معلوم ٿيو ته ماءُ پيءُ جو مقام ۽ مَرتَبو نهايت بُلند ۽ اعليٰ آهي جو جيڪڏهن انسان انهن کي راضِي رکي ته ان جي دُنيا ۽ آخِرت سَنورجي ويندي آهي جڏهن ته انهن کي ناراض ڪرڻ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ اهو به معلوم ٿيو ته والِدَين ڀلي کڻي ظُلم ڪندا هجن پر پوءِ به اَولاد تي انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ ضروري آهي بالفرض والِدَين ڪنهن کان ناراض هجن، ڌڙڪا ڏين، مارين ته ان کي کپي ته هو ماءُ پيءُ کي قُصور وار چوڻ جي بدران پنهنجي ضمير جي ائين مَلامت ڪري ته ان ۾ منهنجي پنهنجي ئي غَلَطي هوندي۔ جيڪڏهن مان انهن کي راضِي رکان ته اڄ مون کي اهو ڏينهن نه