Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

دُعا ڪري، (9) والِدَين سان ڀلائي ڪرڻ ۾ اهو به داخِل آهي ته جيڪڏهن اهي گناهن جا عادِي هجن يا ڪنهن بدمذهبي ۾ گرفتار هجن ته انهن کي وڏي نرمي سان اِصلاح، تَقويٰ ۽ عقيده حَقَّه (دُرُست عقيدن) ڏانهن آڻڻ جي ڪوشِش ڪري۔ مطلب ته جيڪڏهن سڄي زِندگي والِدَين جي خدمت ڪئي وڃي تڏهن به انهن جي اِحسانن جو بدلو نٿو لهي سگھي۔ (خزائن العرفان،پ۱، البقره ،تحت الآيۃ:۸۳)

بڑے بھائی بہن کا میں کہا مانا کروں ہردم                            کروں ماں باپ کی دِن رات خدمت  یارسولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                          صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جهڙي طرح قرآنِ پاڪ ۾ والِدَين جي تعظيم ۽ تَوقير ڪرڻ جي تَرغِيب ڏياري وئي آهي اهڙي طرح احاديثِ مُبارَڪه ۾ به ڪيئي مقامن تي والِدَين جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري جو حڪم ۽ انهن جي شان ۽ عظمت کي بيان ڪيو ويو آهي۔ اچو! تَرغِيب طور 4 فرامِينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو:

      (1) فرمايائون: جڏهن اولاد پنهنجي ماءُ پيءُ ڏانهن رحمت جي نظر ڪري ته الله عَزَّ وَجَلَّ ان جي هر نظر جي بدلي حجِّ مَبۡرُور (يعني مقبول حج) جو ثواب لکندو آهي۔ صحابهءِ ڪرام عَليِهِمُ الرِّضوَان عرض ڪيو: جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ سؤ ڀيرا نظر ڪري! فرمايائون: نَعَمْ، اَللهُ اَکْبَرُ وَ اَطْـيَبُ يعني ”ها، الله عَزَّ وَجَلَّ سڀ کان وڏو آهي ۽ اَطيَب (يعني سڀ کان وڌيڪ پاڪ آهي)۔ (شُعَبُ الْاِيمان،۶ /۱۸۶ ،حديث: ۷۸۵۶)يعني ان کي سڀ ڪجھ قُدرت آهي، ان کان پاڪ آهي ته ان کي ان (ثواب) ڏيڻ کان عاجِز چيو وڃي۔   (بهار شريعت،٣/۵۵۴،حصه ۱۶)

(2)فرمايائون: ”جنهن پنهنجي والدين جي فرمانبرداريءَ جي حالت ۾ صبح ڪئي ته ان جي لاءِ جنّت جا ٻه دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن والدين مان ڪوبه هڪ هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي ۽ جنهن ان حالت ۾ صبح ڪئي جو پنهنجي والدين جو نافرمان هو ته ان جي لاءِ جهنّم جا ٻه دروازا کوليا ويندا آهن ۽ جيڪڏهن والدين مان ڪو هڪ هجي ته هڪ دروازو کُلندو آهي۔ هڪ شخص عرض ڪيو؛ :وَاِنْ ظَلَمَاهُ؟