Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

حقدار ٿيندوـ  والعِياذُ بِالله (يعني الله عَزَّ وَجَلَّ جي پناهه) خالق جي نافرماني ڪرڻ ۾ ٻئي ڪنهن جي فرمانبرداري جائز ناهي. مثال طور ماءُ چاهي ٿي ته پٽ پيءُ کي ڪنهن طرح تڪليف پهچائي ۽ جيڪڏهن پٽ نٿو مڃي يعني سختي ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿو ٿئي ته هو ناراض ٿئي ٿي ته ماءُ کي ناراض ٿيڻ ڏي ۽ هرگز انهي معاملي ۾ ماءُ جي ڳالهه نه مڃي اهڙي طرح ماءُ جي باري ۾ پيءُ جي ڳالهه نه مڃيـ علماءِ ڪرام هن طرح تقسيم فرمائي آهي ته خدمت ۾ ماءُ کي ترجيح آهي ۽ تعظيم پيءُ جي وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته هو ان جي ماءُ جو به حاڪم ۽ آقا آهي۔(سمندري گنبد،ص۲۱)

خبر پئي ته ماءُ پيءُ جيڪڏهن ڪنهن ناجائز ڳالهه جو حڪم ڏين ته انهن جي ڳالهه نه مڃو، جيڪڏهن ناجائز ڳالهين ۾ انهن جي پيروي ڪنديون سين ته گناههگار ٿينديون سين، مثلاً ماءُ پيءُ ڪوڙ ڳالهائڻ جو حڪم ڏين ته انهن جي اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ نه مڃو ڀلي کڻي اهي ڪيترو به ناراض ٿين، اوهان هرگز نافرمان نه چورائينديون، ها جيڪڏهن مڃي وٺنديون ته خداءِ حنّان ۽ منّان عَزَّ وَجَلَّ جون ضرور نافرمان سڏيون وينديون سين، اهڙي طرح ماءُ پيءُ جي پاڻ ۾ طلاق ٿي وئي هجي ته هاڻ ڀلي ماءُ روئي روئي ڪري چوي کير نه بخش ڪندَس ۽ حڪم ڏي پنهنجي والد سان نه مِلجان ته اهو حڪم نه مڃي، والد سان ملڻو پوندو ۽ ان جي خدمت ڪرڻي پوندي انهن جي جيتوڻيڪ جدائي ٿي چڪي  پر اولاد جو رشتو ساڳئي طرح سان باقي آهي اولاد تي ٻنهيء جا حق برقرار آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

8مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’گهر درس‘‘

            پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ماءُ پيءُ جي اَهمِّيت کان آگاهي حاصِل ڪرڻ، انهن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو وڌائڻ، انهن جي دُعائن جو حقدار بڻجڻ ۽ اُنهن کي راضي رکڻ جا طريقا ڄاڻڻ لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 8 مدني ڪمن ۾ وڌي ڪري حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 8مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم ”گهر درس“ به آهي،اوهان تمام اسلامي ڀينرن کي