Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                       صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَمڙ جو شان!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!”ماءُ“ قُدرت جو اَنمول تحفو آهي، ماءُ جو مقام قرآن ۽ حديث ۾ بيان ٿيو آهي، ماءُ جو فرمانبردار الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي، ماءُ اَولاد جي آرام خاطر پنهنجي آرام کي قربان ڪندي آهي، ماءُ جي جگر جي خون مان اَولاد جو وجود بڻجندو آهي، ماءُ ڪيئي سالن تائين پنهنجي اَولاد کي ٿپڪي ڏئي سُمهاريندي آهي، ماءُ بيمار اَولاد کي ڏسي تڙپندي ۽ لڙڪ وهائيندي آهي، ماءُ بيمار اَولاد جي ڪري سخت سيءَ ۾ به سڄي سڄي رات جاڳي گذاريندي آهي، ماءُ بيمار اولاد جي خاطر مهانگن اسپتالن ۽ دواخانن جا چڪر ڪٽڻ گوارا ڪندي آهي، ماءُ اَولاد جو مستقبل سَنوارڻ لاءِ پنهنجي سڄي زندگي کي اَولاد جي لاءِ وَقف ڪندي آهي، ماءُ اَولاد جي لاءِ ڇانو ڪندڙ وڻ جيان هوندي آهي، ماءُ پاڻ گرمي برداشت ڪري اَولاد کي هوا ڏيندي رهندي آهي، ماءُ اَولاد کي ڇانوء ۾ ويهاري پاڻ اُس ۾ ويهي رهندي آهي، ماءُ اَولاد جا ناز نخرا برداشت ڪندي آهي، ماءُ قَرض کڻي به اَولاد جي فرمائشن کي پُورو