Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

هرگز ڪو اهڙو ڪم نه ڪريون جو جنهن سبب اسان جي والِده کي ڪنهن قسم جي تڪليف ٿي يا هوء اسان جي لاءِ ڪا بد دُعائون ڪري، ڪيترا نادان آهن اهي ماڻهو جيڪي ماءُ جي بد دُعائون وٺڻ وارا ڪم ڪن ٿا، خُدا جو قسم! جيڪڏهن اهي ناراض ٿي پنهنجي اَولاد جي لاءِ بددُعا ڪن ته ذِلّت ۽ رُسوائي ان جو مُقَدَّر بڻجي ويندي آهي۔ اچو! ان باري ۾ هڪ سبق آموز حڪايت مُلاحَظَه ڪريو ۽ عبرت حاصِل ڪريو، جيئن ته

ماءُ جي بددعا سبب ٽنگ ٽٽي پئي

شَيخِ طريقت،اميرِ اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف”نيڪي جي دعوت“ صَفحي نمبر441 تي لکن ٿا: حضرت علامه ڪَمالُ الدين دَميري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: ”زَمَخشَري (جيڪومُعتَزلي فرقي جو وڏو مشهور عالم هو ان) جي هڪ ٽنگ ڪٽيل هئي ماڻهن جي پڇڻ تي ان ٻڌايو ته هي منهنجي ماءُ جي بددعا جو نتيجو آهي، ڳالهه هي آهي ته مون ننڍپڻ ۾ هڪ جھرڪي پڪڙي ۽ ان جي ٽنگ ۾ هڪ ڏور ٻڌي هئي اتفاق سان اها منهنجي هٿ مان اُڏري هڪ ديوار جي سوراخ ۾ گهڙي وئي پر ڏور ٻاهر ئي هئي مون ڏور مان پڪڙي زور سان ڇڪ ڏني ته جھرڪي ٻاهر آئي پر ويچاري جي ٽنگ ڏور سان ڪٽجي چڪي هئي، منهنجي اَمڙ جڏهن هي دردناڪ مَنظر ڏٺو ته صدمي وچان تڙپي ڪري سندن جي واتان منهنجي لاءِ هي بددعا نڪتي: ”جهڙي نموني تو هن بي زبان جي ٽنگ ڪٽي آهي الله تعالـٰي تنهنجي به ٽنگ ڪٽي“ ڪجھ وقت کان پوءِ مون علم حاصل ڪرڻ لاءِ ”بخارا“ جو سفر ڪيو، سفر ڪندي مان رستي ۾ سواري تان ڪري پيس، ٽنگ تي شديد ڌڪ لڳو، ”بخارا“ پهچي ڪافي علاج ڪرايو پر تڪليف نه وئي آخرڪار ٽنگ ڪٽائڻي پئيـ(حياۃُ الحيوان الڪبرٰي،۲ / ۱۶۳)

دل دُکھانا چھوڑ دیں ماں باپ کا                     ورنہ ہے اِس میں خسارہ آپ کا

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!بَيان ڪيل حڪايت ۾ جتي جانورن ۽ ماءُ پيءُ