Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

عَلَيۡه  مشرقي پنجاب (هند) ۾ 1321هجري بمطابق 1903ء ۾ پيدا ٿيا ۽ يڪم شعبان 1382 هجري بمطابق 29 ڊسمبر 1962ء ۾ وفات ٿي.اوهان جو ننڍ پڻ ٻين ٻارن کان مختلف هو،ننڍپڻ ۾ ئي ديني ڳالهين ۾ دلچسپي رکندا هئا. جڏهن هلڻ ڦرڻ جي قابل ٿيا ته سندن پيءُ سان گڏ مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندا هئا ذڪر ۽ اذڪار ۽ نعت خواني جو ايڏو شوق هو، جو عام طور هلندي ڦرندي نعتون پڙهندا ۽ ذِڪرُالله ڪندا هئا ـ (حيات محدث اعظم،ص30) سندن جي عظمت ۽ بزرگي ۾ سندن والده جي دعائن جو به عمل دخل هو اوهان جي والِده مُحتَرَمه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡها اڪثر فرمائينديون هيون: اِنْ شَآءَالله(عَزَّ وَجَلَّ) منهنجو هي لاڏلو پٽ عظيم شَخصِيت جو مالِڪ ٿيندو ۽ گڏوگڏ اها دُعا به گھرنديون هيون: تنهنجو نالو سردار آهي، الله پاڪ اوهان کي دِين ۽ دُنيا جو سردار بڻائي ۽ دُنيا ڏٺو ته واقعي عظيم پٽ جي حق ۾ ماءُ جي دُعا قَبول ٿي ۽ الله پاڪ سندن (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه) کي سردار بڻائي ڇڏيو۔  (حياتِ محدثِ اعظم ، ص۳۰ملخصاً)

پِیر و مُرشِد پر مِرے ماں باپ پر                 ہو   سدا رَحمت اے نانائے حُسَیْن

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ ! اوهان ٻڌو ته! ماءُ جڏهن اَولاد جي حق ۾ دُعا گھرندي آهي ته ان جا ڪهڙا ڪهڙا مبارَڪ اَثَر ظاهر ٿيندا آهن جو ماءُ جي دُعا جي بَرَڪت سان هڪ قاصائي نه صرف جنّتي ٿي ويو بلڪ ان کي جنّت ۾ الله پاڪ جي نبي حضرت سيدنا موسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو پاڙو عطا ٿيڻ جي خوش خَبَري(Good News) سان به نوازيو ويو جڏهن ته ماءُ جي دُعا جي بَرَڪت سان ئي مُحدِّثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡه کي دين ۽ دنيا جي سرداري عطا ٿي وئي۔ اهو به معلوم ٿيو ته اسان جا بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالىٰ عَلَيۡهم اَجْمَعِين پنهنجي ماءُ جي خدمت گزاري ڪري ان کي راضِي رکي انهن جي دعائن مان حصو ماڻيندا هئا۔ تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به هنن الله وارن جي نَقشِ قدم تي هلندي پنهنجي ماءُ جي خدمت لاءِ تيار رهون ته جيئن اسان به انهن جي اکين جا تارا بڻجي وڃون ۽ اهي خوش ٿي پاڻ اسان جي حق ۾ دُعائون ڪن ته ”ربِّ ڪريم! منهنجي اَولاد کي ٻنهي جھانن ۾ ڪاميابيون عطا ڪر، انهن کي بِلاحساب