Maan ke Dua ka Asar

Book Name:Maan ke Dua ka Asar

جو ماءُ جڏهن پنهنجي اَولاد جي لاءِ دُعا ڪندي آهي ته ربِّ ڪريم ان جي کنيل هٿن جي لڄ رکندو آهي ۽ اَولاد جي لاءِ ان جي دُعا قَبول ڪندو آهي ايستائين جو ماءُ جي دِل مان نِڪرندڙ دُعائن جي بَرَڪت سان الله پاڪ اَولاد تان مصيبتن ۽ آزمائشن کي پري ڪندو آهي۔ ته ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن جا والِدَين زِنده ۽ انهن کان راضِي آهن ۽ ڪيتري قَدر سَعادت مَند آهي اهو اَولاد جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جو سَهارو بڻجندو آهي، انهن جي خدمت ڪري انهن جون دُعائون کڻندو آهي ۽ رِضاءِ الٰهي جو حق دار ٿيندو آهي تنهنڪري جيڪڏهن اسان چاهيون ٿيون ته ربّ ڪريم اسان سان راضِي رهي، رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان خوش ٿي وڃن، اسان جا والِدَين اسان جي لاءِ دُعائون به ڪندا رهن ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي والِدَين جي قَدر ڪريون، انهن جي اِحسانن کي ياد رکون، اُن جي خلافِ مِزاج ڳالهين کان به درگذر ڪيون، انهن جو هر طرح سان خيال رکون، اُنهن سان سٺو سُلوڪ ڪريون، اُن جي جائز ضَرورتن کي پُورو ڪريون، اُنهن جو هر جائز حڪم مڃون، خاص ڪري جڏهن والِدَين پوڙهائپ جي اڱڻ تي قَدم رکي چُڪا هجن ڇوته اهڙي وَقت ۾ اُنهن کي اَولاد جي همدَردِي جي تمام گھڻي ضَرورت هوندي آهي ڇوته پوڙهائپ ۾ انهن جا عضوا جواب ڏئي ويندا آهن، بدن بيمارين ۾ جَڪڙجي ويندو آهي ۽ پنهنجا به پَراوا ٿي ويندا آهن۔ ماءُ پيءُ جو پوڙهو ٿيڻ اِنسان کي اِمتِحان ۾ وجھندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن والدين پوڙهائپ ۾ پيشاب ۽ پاخاني جي مختلف مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري عموماً اولاد بيزار ٿيندي آهي، پر ياد رکو! اهڙي حالت ۾ به والدين جي خدمت لازمي آهي، ننڍپڻ ۾ ماءُ به آخر ٻار جي گندگي برداشت ڪندي آهي،ته پوءِ پوڙهائپ ۽ بيمارين سبب ماءُ پيءُ ۾ ڪيتري به چِڙ جي عادت ٿئي، بنا ڪنهن سبب جي وڙهن، چاهي ڪيترو وڙهن، ۽ پريشان ڪري وجهن پر صبر صبر ۽ صبر ئي ڪرڻو آهي ۽ انهن جي عزت ئي ڪرڻي آهي، جي ها اهوئي مقامِ امتحان آهي، انهن سان بدتميزي ڪرڻ انهن کي دڙڪا ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن جي اڳيان ”اُف“ به  ڪرڻ نه کپي، نه ته بازي هٿن مان نڪري سگھي ٿي ۽ ٻنهي جهانن ۾ تباهي مقدر بڻجي سگھي ٿي ڇوته والدين جي دل