Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain
سَروَرِ عالَم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جنّت وارا مٽي آڻي چهري، وکريل وار ۽ ڦاٽل پُراڻن ڪپڙن وارا آهن، جِن جي ڪا پَروا ناهي ڪئي ويندي۔ هي اهي ماڻهو آهن جو جيڪڏهن بادشاهن وٽ وڃڻ چاهين ته انهن کي اِجازت نه ملي، عَورَتن کي نِڪاح جو پَيغام ڏين ته اِنڪار ڪيو وڃي، جڏهن ڳالھ ڪن ته انهن جي ڳالھ ٻڌي نه وڃي،انهن جون ضَرُورتون سندن سِينن ۾ هلچَل مَچائي رهيون هونديون آهن،هي اهڙا جنّتي آهن جو بروزِ قِيامت انهن مان هڪ جو نُور به تمام ماڻهن تي ورهايو وڃي ته سڀني کي پورو ٿي ويندو۔ (شعب الايمان، باب في الزھد وقصر الامل ،۷/ ۳۳۲، حديث: ۱۰۴۸۶) هڪ ٻي جاءِ تي اِرشاد فرمايائون:کوڙ پراگنده (وکريل) وار، دروازن تان ڌڪاريل، جيڪڏهن الله پاڪ جو قَسم کڻن ته هو ان کي پُورو ڪري ڇڏيندو آهي۔ (مسلم،ڪتاب البرو الصلۃ،باب فضل الضعفاء،ص۱۰۸۳،حديث: ۲۶۲۲) مَشْهور مُفَسِّرِ قُرآن،حڪيمُ الاُمَّت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه (حديثِ پاڪ جي هن حصّي ”کوڙ پراگنده (وکريل) وار، دروازن تان ڌڪاريل“ جي شَرح ڪندي) فرمائن ٿا: هن فرمان عالي جو مَطلَب هي ناهي ته هو دُنيا دارن جي دروازن تي ويندا آهن (۽) اتان ڪڍيا ويندا آهن، اهي ته ربّ جي دروازي جي عِلاوه ٻي ڪنهن جي دروازي تي ناهن ويندا،بلڪ مَطلَب هي آهي ته انهن جي حقيقت کان دُنيا غافِل آهي،جيڪڏهن هو ڪنهن وٽ ويندا آهن ته هو انهن سان ملڻ پسند ناهي ڪندو، ربّ انهن کي دُنيا وارن کان ائين لڪايو آهي جيئن لَعل (ڳاڙهي رنگ جو هيرو) جبل ۾ يا موتي سَمنڊ ۾ ته جيئن ماڻهو انهن جو وَقت ضائع نه ڪن۔ (حديثِ پاڪ جي هن حصّي ”جيڪڏهن الله پاڪ جو قَسم کڻن ته ان کي الله پُورو ڪندو آهي“) جا ٻه مَطلَب ٿي سگھن ٿا: هڪ هي ته هو ٻانهو جيڪڏهن الله ڪريم کي قَسم ڏئي ڪا شيء گھري ته منهنجا ربّ ! تو کي قَسم آهي پنهنجي عِزَّت ۽ جَلال جو! هي ڪري ڇڏ! ته ربّ ضرور ڪري ڇڏي،هي آهي ٻانهي جو ضد پنهنجي ربّ تي۔ ٻيو هي ته جيڪڏهن اهو ٻانهو خدا جي ڪم تي قسم کائي ماڻهن کي خَبَر ڏئي ته خُدا ان جوقَسم پُورو ڪري ڇڏي، مثال طور هو چوي ته خدا جو قَسم! تون کي پٽ پيدا ٿيندو ، يا