Book Name:Auliya-e-Kiram Ke Barkatain
دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه غَيبِي خَبَر ڏيندي فرمايائون: زُبَيده خاتون جنّت ڏسي نه آئي هئي جڏهن ته تون جنّت جو نَظارو ڪري پيو اچين۔ اهو ٻڌي هارون رشيد جون اکيون اَشڪبار ٿي ويون، عَرض ڪيائين: سائين! سَلطَنَت ڏئي قِيمَت چڪائڻ لاءِ تيار آهيان! بس جنّت جو پَروانو عطا ڪريو! حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمايائون: مان تنهنجي سَلطَنَت جو ڇا ڪندس، سَلطَنَت جي لاءِ ته منهنجي قدمن ۾ به جڳھ نه آهي،وڃ پنهنجي سَلطَنَت به کڻي وڃ ۽ جنّت جو پَروانو به رکي ڇڏ۔ (زلف و زنجير، ص۲۵۱ تا۲۶۰ملخصاً)
| تَختِ سِکَنْدَرِی پر وہ تُھوکتے نہیں ہیں | بِسْتَر لگا ہُوا ہے جِن کا تِری گَلی میں |
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جو مرتبو بارگاھ خُداوَندِي ۾ ڪيتري قَدَر بُلند ۽ بالا هو! پاڻرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه چاهن ها ته پنهنجي لاءِ کوڙ خَزانا گڏ ڪن ها، عَيش ۽ راحت ڀري زندگي گذارين ها پر قُربان وڃو ته بااِختِيار هئڻ جي باوُجود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه پنهنجي لاءِ ڪجھ به باقي نه رکيو البت جنهن کي وڻيس ان کي ربِّ ڪريم جي جنّت ۾ مَوجُود عاليشان جنّتي مَحَلَّات مان جنّتي مَحل عطا ڪري ڇڏيندا هئا۔ بيان ڪيل حِڪايت مان اهو به معلوم ٿيو ته الله ڪريم جي ولين کي الله پاڪ جي عطا سان عِلمِ غَيب حاصِل هوندو آهي،جيئن هارون رشيد جڏهن حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه کان جنّتي مَحل جي قِيمَت وڌائڻ جو سبب پڇيو ته حضرت سَيدُنا بهلول دانا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه ان کي غَيب جي خَبَر ڏيندي اِرشاد فرمايائون ته ”زُبَيده خاتون جنّت ڏسي نه آئي هئي جڏهن ته تون جنّت جو نظارو ڪري پيو اچين۔“ هن حڪايت ۾ هڪ مَدَني گل هي به آهي ته وَلِي هئڻ جي لاءِ شهرت ۽ اِشتِهار، نُمايان جُبّو، دَستار ۽ عقيدت مَندن جي ڊگھي قِطار هئڻ ضَروري نه آهي جنهن سان ان جي وِلايت جي سڃاڻپ ۽ شهرت ٿئي، بلڪ عام ٻانهن ۾ به وَلِي الله هوندا آهن، تنهنڪري اسان کي هر نيڪ ٻانهي جو ادب ۽ اِحتِرام ڪرڻ گھرجي، ڇوته خبر ناهي ڪير گُدڙِي جو لَعل (يعني لڪيل وَلي) هجي، جيئن ته