Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

مٺامٺا اسلامي ڀائرو !بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

سینہ تِری سُنّت کا مدینہ بنے آقا

 

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جون سنتون  ۽ آداب

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت،اميراهلسُنَّتدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’101 مَدَني گل‘‘ مان ڳالھ ٻولھ جي حوالي سان ڪجھ سنتون ۽ آداب ٻڏون ٿا:  مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔  رڙيون ڪري ڳالهائڻ کان ڪجهه احتياط ڪيو۔ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سٺا ٿيندا ۽ ٻار به ادب سکندو۔ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪندو رهڻ سٺي ڳالهه ناهي جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي شروع ڪرڻ سنت ناهي  گهڻيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ بار بار ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي۔  بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوٰی رضویہ ، ۲۱/۱۲۷) ۽ بي حيائي جي ڳالهه