Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

جن کے تلووں کا دھوون  ہے آبِ حیات                       ہے وہ جانِ مسیحا ہمارا نبی

مختصر وضاحت: رسولِ پاڪ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ قدمن جو غسالو آبِ حيات کا بهتر آهي اسان جي نبي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زندگي ڏيڻ وارن کي به زندگي ڏيندا آهن، مسيحن جي حيات به اوهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي آهي ـ

ہے لبِ عیسٰی سے جاں بخشی نِرالی ہاتھ میں

                            سنگریزے پاتے ہیں شیریں مقالی ہاتھ میں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي مُبارَڪ زِندگي جي روشن پهلوئن مان هڪ روشن تَرين پهلو هي به هو ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جون پاڪيزه نِگاهون اسان وانگر خاميون ۽ عيب ڳولڻ ۾ مشغول نه رهنديون هيون جو اسان کي ته جاندار يا بي جان شين ۾ خامِيون ۽ عيب ۽ نقص جي عِلاوه ڪجھ نظر ئي ناهي ايندو۔ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ته اهي عظيم پيغمبر هئا جو بي زبان جانورن جي باري ۾ به بُري ڳالھ کان هميشه پنهنجي زبان کي مَحفوظ رکندا هئا، جيئن ته:

مئل ڪتّي جي بُرائي کان به بچو

   شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّت حضرت علّامه مَولانا ابُو بِلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تَصنِيف ”غِيبَت جون تَباھ ڪارِيون صَفحي نَمبر 275 تي فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا مالِڪ بِن دِينار رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام هڪ مُئل ڪتي وٽان وٽان لنگهيان ته حوارين عرض ڪيو ته “هي ڪُتو ڪيترو ته بدبودار آهي! حضرت سيّدنا عِيسيٰ روحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام فرمايو ته ان جا ڏند  ڪيترا ته اڇا آهن؟ ڄڻ ته پاڻ عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان مُردار ڪتي جي غيبت کان به مَنَع فرمايو ۽ انهن