Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

ڪو مُعجِزو ڏيکاريو، ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام فرمايائون ته جيڪو توهان کائو ٿا ۽ جيڪو گڏ ڪري رکو ٿا مان ان جي توهان کي خَبَر ڏيان ٿو، تنهنڪري حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي دَستِ مُبارَڪ تي اهو مُعجِزو به ظاهر ٿيو ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ٻڌائيندا هئا ته جيڪو ڪجھ ان ڪلهه کاڌو هو ۽ جيڪو اڄ کائيندو ۽ جيڪو پوءِ واري وَقت جي لاءِ تيار ڪري رکيو آهي۔ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام وٽ گھڻا ٻار گڏ ٿي ويندا هئا، پاڻ عَلَيۡه السَّلَام اُنهن کي ٻڌائيندا هئا ته توهان جي گھر ۾ فُلاڻي شيء تيار ٿي آهي، توهان جي گھر وارن فُلاڻي فُلاڻي شيء کاڌي آهي، فُلاڻي شيء توهان جي لاءِ بچائي رکي آهي، ٻار گھر ويندا هئا ۽ گھر وارن کان اها شيء گھرندا هئا۔ گھر وارا اها شيء ڏيندا هئا ۽ انهن کان پڇندا هئا  توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟ ٻار چوندا هئا: حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام، ته ماڻهن پنهنجن ٻارن کي اوهان وٽ اچڻ کان روڪيو ۽ چيائون ته اهي جادُوگَر آهن۔ (تفسير قرطبي،اٰل عمران،تحت الآية:۴۹،۲/۷۴، الجزء الرابع،جمل،اٰل عمران، تحت الآية:۴۹،۱/۴۲۰، ملتقطاً )

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِڪاف“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته الله عَزَّ وَجَلَّ حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي بي شُمار اِختِيارات سان نَوازيو هو، تڏهن ته پاڻ الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان پکين کي پيدا، مُردن کي زِنده ۽ بَرَص (سَفيد داغ) وارن کي شِفا عطا ڪندا هئا ايستائين جو غَيبِي خَبَرون به اِرشاد فَرمائيندا هئا۔ اَفسوس ته بُري صُحبتن ۾ ويهڻ جي ڪري ڪڏهن اِنسان اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام ۽ اَولِياءِ عُظَّام رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيهم اَجْمَعِين جي اِختِيارات جي مُعَامَلي ۾ شَيطاني وسوسن جو شِڪار ٿي مُعجِزن ۽ ڪرامتن جو اِنڪار ڪري هلاڪت ۽ بَربادي جي کَڏِي (Pit) ۾ وڃي ڪري پوندو آهي، تنهنڪري هميشه بُري صُحبت کان بچو ۽ چڱن جي صُحبت ئي اِختِيار ڪريو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! شَيطان ناڪام ۽ نا مُراد ٿي ويندو۔ ياد رهي! عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابَسته ٿيڻ به سٺي صُحبت ماڻڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، تنهنڪر اوهان به هن مَدَني ماحول سان هر دم وابَسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ ذيلي