Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

۽ مُعجِزا ڏيکاريا ته ماڻهن دَرخَواست ڪئي ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام هڪ چَمڙو (Bat) پيدا ڪري ڏيکاري۔ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام مٽي مان چمڙي جي صُورت بڻائي پوءِ ان ۾ دم ڪيو ته اهو اُڏامڻ لڳو۔    (خازن، اٰل عمران، تحت الآية: ۴۹،۱/ ۲۵۱)

   ”چَمڙي“ جي خُصُوصِيت هي آهي ته اهو اڏامڻ وارن جانورن ۾ نهايت عجيب آهي ۽ قُدرَت تي دَلالت ڪرڻ ۾ ٻين کان وڌيڪ آهي ڇوته اهو بغير پَرن جي اڏامندو آهي، ڏند هوندا آهن، کلندو آهي، هن جي ماده ٻچو ڄڻيندي (پيدا ڪندي) آهي جڏهن ته اُڏامڻ وارن جانورن ۾ اهي ڳالهيون ناهن هونديون۔ (جمل، اٰل عمران، تحت الآية: ۴۹،۱/ ۴۱۸،ملتقطاً)

(2) ڪوڙھ جي مريضن کي شفاياب ڪرڻ:

حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ان مَريض کي به شِفا ڏيندا هئا جو جنهن جو بَرَص ( هڪ مَرَض جنهن ۾ رت جي فَساد (خراب هئڻ) سبب جِسم تي سَفيد داغ ٿي پوندا آهن) بدن ۾ ڦهلجي ويو هجي ۽ طبيب ان جي عِلاج کان لاچار هجن، جيئن ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي زَماني ۾ طِبّ جو عِلم اِنتِهائي عُروج تي هو ۽ طِبّ جا ماهر عِلاج جي مُعَامَلي ۾ وڏي مَهارَت رکندا هئا ان ڪري اهڙي قِسم جا مُعجِزا ڏيکاريا ويا ته جيئن مَعلوم ٿئي ته طِبّ جي طريقن مان جنهن جو عِلاج مُمڪن نه آهي ان کي تَندُرُست ڪرڻ يقيناً مُعجِزو ۽ نَبُوَّت جي دَليل (Proof) آهي۔ حضرت سَيدُنا وَهب بِن مُنَبِّه رَضِىَ الله تَعَالٰي عَنْه جو قول آهي ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام وٽ مريضن جو ميڙ گڏجي ويندو هو، انهن مان جيڪو هلي سگھندو هو اهو خِدمت ۾ حاضر ٿيندو هو ۽ جنهن کي هلڻ جي طاقَت نه هوندي هئي ته ان وٽ پاڻ وڃي دُعا ڪري ان کي تَندُرست ڪندا هئا ۽ پنهنجي رِسالت تي اِيمان آڻڻ جو شَرط رکندا هئا۔ (خازن، اٰل عمران، تحت الآية: ۴۹، ۱/۲۵۱)

(3) مُردن کي زنده ڪرڻ:

حضرت سَيدُنا عَبدُالله بِن عبّاس رَضِى الله تَعَالٰي عَنْهمَا فرمايائون:حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام چئن (4) شخصن کي زِنده ڪيو، (1) هڪ عازَر جنهن کي پاڻ عَلَيۡه السَّلَام سان مُخلِصَانه مَحَبَّت هئي، جڏهن ان جي حالت نازڪ ٿي ته ان جي