Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

داخِل ٿينديون ايستائين جو حُضور پُرنُور، سَيدُالمُرسَلِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وَعَلَيهمْ اَجْمَعِين جي نِڪاحِ اَقدَس سان مُشَرَّف ٿينديون۔ (فتاويٰ رضويه، ۲۶/۴۶۰)

اللہ کرم اِتنا گُنَہ گار پہ فرما                             جنّت میں پڑوسی مِرے آقا کا بنادے

(وسائل بخشش مرمم ،۱۱۲)

سُبحٰن الله عَزَّوَجَلَّ! ٻڌو اوهان ته! الله عَزَّوَجَلَّ جي پياري نبي حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي والِده ماجِده ڪيتري قَدَر بُلند همَّت ۽ عاليشان خاتون هيون جو، جن جون فضيلتون اَحاديثِ ڪرِيمه ۾ مَوجُود آهن ۽ جنهن کي جَنَّتُ النَّعِيم ۾ عيسيٰ جي آقا، مٺي مٺي مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زَوجِيت جو شَرَف حاصِل ٿيندو۔ پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جو شان ته ايتري قَدَر اَرفَع ۽ اَعليٰ آهي جو قُدرَتِ اِلٰهي جا مَظهر حضرت سَيدُنا عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام اڃا سندن رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي پيٽ مبارڪ ۾ ئي تشريف فرما هئا ته اوهان رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي وُجُود شريف مان ڪرامتن جو ظُهور شُروع ٿي ويو، جيئن ته:

شَجَرِ مَريم ۽ نهرِ جِبرِيل

شَيخُ الحَدِيث حضرت علّامه عبدُالمُصطَفٰي اَعظَمِي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: حضرت (سَيدُنا) عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام حضرت بي بي مَريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي پيٽ مان بغير پيءُ جي پيدا ٿيا، جڏهن ولادت جو وقت آيو ته حضرت بيبي مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا آبادي کان ڪجھ پري هڪ کجي جي سُڪل وڻ جي هيٺ اڪيلائي ۾ ويهي رهيون ۽ انهيءَ وڻ جي هيٺ حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي ولادت ٿي، جيئن ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام بغير پيءُ جي ڪنواري مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جي شڪم مان پيدا ٿيا، انهيءَ ڪري حضرت مريم نهايت فڪرمند ۽ بيحد اداس هيون ۽ برو ڀلو چوڻ ۽ طعنا ملڻ جي خوف سبب ڳوٺ ۾ نه پئي آيون، ۽ هڪ سنسان زمين ۾ کجيءَ جي سُڪل وڻ جي هيٺ ويٺل هيون جتي کائڻ پيئڻ جو ڪو سامان به نه هو، اوچتو حضرت(سيدنا) جبرائيل عَلَيۡه السَّلَام نازل ٿيا ۽ پنهنجي کڙي زمين تي هڻي هڪ نهر جاري ڪري ڇڏي ۽ اوچتو کجيءَ جو سڪل وڻ سرسبز ٿي پڪل ميوو آندائين ۽ حضرت جبرائيل عَلَيۡه السَّلَام حضرت مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا کي سڏي انهن سان