Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

القُرآن“ مان بيان ڪيو ويو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ ان جي عِلاوه به نصيحت ۽ عِبرت جي مَدَني گلن سان مَعمُور ڪيئي دِلچسپ قُرآني واقِعا ۽ ٻيون حِڪايتون (Parables) مَوجُود آهن ـ

رسالو”بیٹےکونصیحت“جوتعارف:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نماز ۽زڪٰوت جي ادائيگي، والدين سان حسن سلوڪ ۽ فڪر آخرت جو جذبو وڌائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رساليبیٹے کو نصیحت“ جومطالعو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ گهڻو مفيد ثابت ٿيندو. هي رسالو حجّة الاِسلام حضرت سيّدنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ عربي تصنيف جو اردو ترجمو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن رسالي ۾ حصول علم۽ مطالعي جومقصد، مرشد جي اهميّت ۽ ضرورت، ڪامل پير جا 26 اوصاف، رياڪاري ۽ ان جو علاج، علم تي عمل جي برڪت ۽ مختلف سبق آموز نصيحتون موجود آهن،

تنهنڪري اڄ ئي مڪتبةُ المدينه تان هن ڪتاب کي هديةً حاصل ڪيو ۽ ان جو مُطالعو پاڻ به ڪيو ۽ ٿي سگھي ته ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏياريو۔ هن ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اَنبياءِ ڪرامعَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پنهنجي هر صِفَت ۾ باڪمال هوندا آهن، الله تعالٰي انهن کي اهڙن اهڙن مُعجِزن ۽ ڪمالات سان سَرْفَراز فرمائيندو آهي جو عَقل حَيران ٿي ويندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! الله جا پيارا نَبي حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي به الله تعالٰي ڪثير مُعجِزَا عطا ڪيا هئا ۽ ننڍپڻ کان ئي پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جي ذات مان نَبُوَّت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا هئا۔ اچو! حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي ننڍپڻ جو هڪ حَيرت اَنگيز واقِعو ٻڌو ۽ پنهنجو اِيمان تازو ڪريو، جيئن ته