Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

جو وڏي کان وڏو عَقَلمَند (Intelligent) انهن جي عَقل جي ڪروڙوين دَرَجي تائين به نٿو پهچي سگھي۔ انهن کي الله تعالٰي غَيب جي ڳالهين کان آگاھ ڪندو آهي، اهي رات ڏينهن الله تعالٰي جي اِطاعت ۽ عِبادت ۾ مَشغُول رهندا، ٻانهن کي الله تعالٰي جو حُڪم پهچائيندا ۽ ان جو رَستو ڏيکاريندا آهن۔ انهن نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام مان جيڪي نئين شَرِيعَت کڻي آيا انهن کي رَسُول چيو ويندو آهي۔ اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي رتبن (يعني دَرَجن) ۾ فَرق آهي۔ بَعض جا رُتبا بَعض کان اَعليٰ آهن۔ سڀني کان وڏو رُتبو اسان جي آقا ۽ مَوليٰ، سَيدُ الاَنبِيا، محمدِ مُصطَفٰي صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آهي۔ رسول اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خَاتَمُ النَّبِيين (سڀني کان آخِري نَبِي) آهن۔ الله تعالٰي نَبُوَّت جو سِلسِلو حُضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خَتم ڪيو آهي۔ حُضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوءِ ڪنهن کي نَبُوَّت نٿي ملي سگھي۔ جيڪو شخص پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوءِ ڪنهن کي نَبُوَّت ملڻ جائز سمجھي اهو اِسلام جي دائري مان نڪري ويندو آهي. (ڪتاب العقائد ،ص۱۵تا۱۷،بتغير)

اچو! اڄ اسان الله عَزَّوَجَلَّ جي نَبين مان هڪ نهايت ئي مُحتَرَم ۽ مُڪرّم نَبي حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي مُبارَڪ زِندَگي جا ڪجھ اِيمان اَفروز واقِعا ۽ سندن مُعجِزن جي باري ۾ ٻڌڻ جي سَعادَت حاصِل ڪنداسين پر ان کان اڳ ۾ سندن عَلَيۡه السَّلَام جو تَعَارُف ۽ سندن فضيلتون ٻڌون ٿا، جيئن

حضرت عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جو تعارُف

حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام مُبارَڪ نالو عيسيٰ، اِبنِ مَريم سندن ڪُنيت آهي۔ (تذڪرة الانبياء، ص۶۵۸) ڪلِمَةُ الله  (بغير پيءُ جي واسطي جي محض الله پاڪ جي ڪلمه ڪُن سان پيدا ٿيڻ وارا)، مَسِيح( ڇهڻ سان شفا ڏيڻ وارا) وَجِيہ، ( قدر ۽ منزلت رکڻ وارا)، مُقَرَّب ( الله ڪريم جو قرب پائڻ وارا) ۽ صَالِح ( نيڪ ٻانهو) سندن جا لقب آهن. (تذڪرة الانبياء، ص۶۵۵) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي پياري نبي، مڪي مَدَني صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرت عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جي شان ۽ عظمت کي انتهائي شاندار انداز ۾ بيان فرمايو آهي ۽ قيامت جي ويجھو پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جي تشريف